Latest news

ڀارت افغانستان آمريڪا گڏ مسلم ملڪن خلاف سازشون تيز

December 22, 2017 at 6:32 pm

سيد زوار حسين شاه

نيويارڪ ۾ اقوام متحده جو اجلاس ٿيو تاريخ ۾ پهريون مرتبه تقريبن ڪئي اسلامي ملڪن سان گڏ ڪجهه ٻين ملڪن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي کي تڏي ڇڏيو فسلطين جي مستقبل جو فيصلو صرف فلسطين جو عوام ئي ڪري سگهي ٿو  هن اجلاس ۾ 35 ميمبران اجلاس مان غير حاضر رهيا اقوام متحده جي اجلاس ۾ فلسطين جي حمايت ۾ 128 ووٽ پيا جڏهن ته صرف 9 ووٽ مخالفت م پيا ، ۽ متفق راڀ سان فلسطين جي مقبوضه بيت المقدس جي حق ۾ قراداد پاس ڪئي وئي پاڪستاني مندوبين مليهه لوڌي پنهنجي خطاب ۾، ڳالهائيندي چيو ته فسلطين جي مستقبل جو فيصلو صرف اتان جو عوام ئي ڪري سگهي ٿو امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي کي رد ڪيون ٿا فلسطين مظلوم عوام جي اسان حمايت ڪندا رهنداسين ، جيڪو اسان جو فرض آهي ، پاڪستاني عوام پهريان ئي فيصلو ڏئي چڪو آهي ، جيڪڏهن مجموعي پوري دننيا جي سربراهان جي ڏنل بيانن تي نظر وجهونته تقريبن ملڪن آمريڪي صدر جي فيصلي کي ڏڇڏي ڇڏيو اهي جنهن کي سواڀ امريڪا جي سڀنن دل سان تسليم ڪيو آهي جڏهن اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس منعقد ٿي ته آمرڪا گندي زبان استعمال ڪندي تمام ملڪن کي ڌمڪي ڏني ته ياد رکو اسان توهان کي ڪروڙين ڊالرس امداد ڏئي رهيا آهيون جنهن به اسان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو اسان ان جي امداد بند ڪنداسين پر ان جي ڪنهن ملڪ به ڳالهه نه مڃين رهندو تمام ملڪ گڏ ٿي ويا ، ان جو سبب اهو به اهي ته مان هڪ ڪلپ ڏني جنهن ۾ هڪ عورت کي اسرائيلي فوجي گرفتار ڪن ٿا ۽ ان جا ٽي معصوم ٻارڙا جيڪي ان سان چنبڙيل هيا انهن کي ڇڏائي ڌار ڪيو ويو ۽ هو پوري دنيا جي رهنمائن سان مخاطب ٿيندا رهيا ته  اسان سان انصاف ڪيو اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي اسان جي مٿان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي ان دران آزاد ميڊيا جيڪا انهن جي سڄي مڻظر کي ڪيمئره جي اک ۾ بند ڪندا رهيا ، سچ پڇيو ته جڏهن اهي معصوم ٻارڙا ماء کان جد جدا ٿي ڪيا ويا ته اهو منظر ڪڏهن وسرندو نه جيستائين هي جان ۾ ساهه آهي اهي يادون ياد رهنديون ،

مسلم ملڪن جي سربراهن پڻ گڏ فيصلو ڪري فلسطين جي هن فيصلي کان پوء گڏ ٿي ويا اهن پر آمريڪا جيڪو مسلمانن مٿان ڪئي سالن کان ڪنهن نه ڪنهن بهاني حملا ڪري انهن کي تندگ ڪندو بهانه ڳولهي پيو مسلام ملڪن ۾ مداخلت ڪري ان کي پڻ صديون ياد رکيو ويندو ، عراق ، جي صورت حال تي نظر وجهون ته جيڪو صدام حسين سان ڪيو ويو اهو به ڪنهن کان نه وسرندو ، ان جي ملڪ کي تباهه برباد ڪيو ويو جنهن کان پوء هو ملڪ صديون پوئتي هليو ويو اهڙي طرح شام اردن يمن لبيا ايران سميت ڪئي ملڪ اهن جتي آمريڪا پنهنجو فوجون موڪلي اتي پنهنجي بالادستي چاهي ٿو جيئن افغانستان سعودي عربيه جي صورت حال توهان اسان کي خبر آهي ته اتي ڪهڙي دانشمندي سان حالات خراب ڪرائي پنهنجون فوجون موڪلي ويهي رهندو آهي ،اسان کي اهو به معلوم اهي ته طالبان جي ڪيئن مدد ڪئي وئي  جڏهن انهن مان انهن جو مقصد پورو ٿي ويو ته پوء انهن خلاف ئي آواز بلند ڪيو ويو ۽ پوري دنيا ۾ واويلا ڪئي وئي ، اهڙي صورت حال کان پوء امن امان جي صورت حال انتهائي خراب ٿي وئي ، ايتري قدر جو مسلمانن مٿان خودڪش حملا ٿيڻ شروع ٿيا ، ۽ هي جنگ پوري دنيا ۾ ڦلجڻ لڳي شام جي صورت حال اسان جي سامهون آهي اآمريڪا ته سام حڪومت جي پويان پئجي ويو آهي حالات انتهائي ڪشيده ٿي ويا آهن طالبان سان گڏ داعش به وچ ۾ داخل ٿي هڪ ٻئي جي مدد ڪندا رهيا برحال هاني حلات انتهائي خراب ٿي ويا آهن ڪئي ملڪن جا سفارتي تعلقات ڪشيده ٿيندا رهيا ٻئي طرف مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارت جي مداخلت پڻ پاڪستان ۾ حالات ڪشيده ڪري ڇڏيا ،ٻين ملڪن جي جنگ اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ زوري مڙهي وئي ڀارت پاڪستان اندر مداخلت ڪرڻ لڳو ، ڀارت جي هٽ ڌرمي پڻ پاڪستان کي اندروني ڪافي نقصان پهچايو ڀارت پاڪستان جي ڪجهه شهرن ۾ را جا ايجنٽ موڪليا جتي پاڪستاني عوام کي ورغلائي پاڪستان خلاف نفرت ڀري پاڪستان جي عوام خلاف استعمال ڪندا رهيا ، اهڙي طرح افغانستان به ڀارت سان ملي پاڪستان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي اسان سلام پيش ٿا ڪيون پاڪ فوج جي ان وقت جي جنرل راحيل شريف جنهن دهشتگردن سميت ڀارت کي اهڙو ته سبق سيکاريو جو هو صديون ياد رکندو سابق جنرل راحيل شريف وڏي بهادري سان  دانشمندي سان ڀارت جي جارحيت کي منهن ڏنو انهن جي توبن جا منهن بند ڪرائي ڇڏيا ، ان سان گڏ افغانستان جي مداخلت پڻ ڪافي تنگ ڪيو دهشتگردن کي پاڪستان اچڻ جا دڳ ڏئي پاڪستان اندر حالات خراب ڪيا پر جنرل راحيل سريف ضرب عضب آپرين جو اعلان ڪري پڻ دهشتگردن کي منهن ڏنو پوري ملڪ ۾ امن بحال ڪرايو عوام کي دلي سڪون رسيو ، برحال آمريڪا افغانستان طارت کي اها ڀلا ڳالهه ڇو پسند اچي انهن هر موڙ تي پاڪستان جي بقا کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشس ڪندا رهيا جنهن ۾ انهن کي عبرت ناڪ شڪست ملي ايتري قدر جو هاڻي اهي ملڪ پاڪستان جا حلات خراب ڪرائڻ لاء وڏيون وڏيون سازشون ڪري رهيا اهن جنهن کي پڻ پاڪ فوج وڏي دانشمندي سان منهن ڏئي رهي آهي ، برحال ملڪي حالات ته بهتر ٿيندا پيا اچن پر اهي ملڪ اسان جي حڪمت عملي مان خوش ناهين هاني جي جنرل قمر جاويد باجوه جڏهن پاڪ آرمي جي ڪمان سنڀالي تڏهن امان امان جي صورت حال انتهائي بهتر هئي پر ڀارت افغانستان امريڪا ڳٺ جوڙ ڪري پاڪستان خلاف نفرت انگيز فيصلا ڪندا رهيا ڪشميرين مٿان ظلم جي انتها غريب مظلوم عوام ايتري قدر جو معصوم ٻارڙن مٿا ن زهر گيس جا ڳولا وسائي انهن جي بينائي ختم ڪئي وئي پاڪستان سرحدن تي بلا وجه شرانگيز فائرنگ جنهن سان ڪئي سو اسان جا بي گناهه شهري شهيد ٿي چڪا آهن اسان اقوام متحده ۾ پوري دنيا جي ملڪن کي آگاهي شڪايت ڏيندا رهيا آهيون پر ڪو ڌيان نه ڏنو ويو جڏهن ته هاڻي سعودي عربيه ۽ ايان جي وچ ۾ ڪشندگي وڌندي پئي وڃين جيڪڏهن جنگ لڳي ته قيمتي جانين جو وڏو نقصان ٿيندو، پاڪستان ڪڏهن نه چاهيندو ته هو هن جنگ ۾ ڪنهن سان ساٿ ڏيئي ڇو جو پاڪستان اندر پڻ شيعه ڪميونٽي جو وڏو انگ رهي ٿو ان سان گڏ چين ترڪي سميت ٻيا ملڪ به نه چاهيندا ته حالات ڪشيده ٿين ان ڪري ڀارت افغانساتن آمريڪا جي رٿيل حڪمت عملي کي مدي نظر رکي فيصلا ڪرڻا پوندا هي وقت تمام مسلمان ملڪن کي گڏجي فيصلن ڪرڻ جو آهي ان ڪري ڪشيدگي کان پاسو ڪيو وڃين جيئن پنهنجي ملڪ جي سلامتي بقا کي مدي نظر فيصلا ڪرڻا پوندا   مجموعي صورت حال انتهائي خراب اهي ايتري قدر جو امريڪا تمام ملڪن جي پڻ 128 ووٽن جي حمايت کي رد ڪيو آهي رهندو نڪل هيڪل اقوام متحده جي اجلاس ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسان ڏسون پيا ته ڪهڙو ملڪ اسان خلاف پيو ڳالهائي ۽ اسان کي ڪوئي فرق نه و پئجي سگهي اسان فيصلو واپس نه وٺنداسين اهڙي صورت حال کان پوء اقوام متحده جي هن فورم جي ڪهڙي حيثيت رهجي يويندي جتي ڳالهه ته حقوق جي ڪئي وڃي پر اهي انهن کي ڏنا نه وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *