Latest news

ڪابل ۾ ٻه آپگهاتي حملا، ٽن صحافين سميت چاليهه ڄڻا مارجي ويا، پنجاهه زخمي

December 29, 2017 at 2:15 am

ڪابل(م ڊ): افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻن آپگهاتي حملن ۾ ٽن صحافين سميت 40 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن مطابق ڪابل ۾ هڪ ٻئي پٺيان آپگهاتي ڌماڪن ۾ هن مهل تائين 40 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. افغان ميڊيا مطابق پهريون آپگهاتي ڌماڪو برچي جي علائقي ۾ هڪ نيوز ايجنسي جي آفيس جي ٻاهران ٿيو جنهن ۾ ٽن صحافين سميت 10 ڄڻا مارجي ويا، ان ڌماڪي کان ترت پوءِ ڪابل ۾ ئي هڪ ثقافتي مرڪز کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 9 ماڻهو ٿڏي تي ئي مارجي ويا.ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ 21 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. افغان گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن ڪري فوتين جو تعداد وڌڻ جو خدشو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *