Latest news

حڪمران سنڌ کي مال غنيمت ڪري لٽي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو

January 4, 2018 at 9:50 pm

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ استادن تي وحشياڻي تشدد، ڳوڙها گئس ۽ گرفتارين جي  مذمت ڪندي چيو آهي ته استادن تي تشدد وحشت، چنگيزيت ۽ آمريت آهي، پرامن ۽ هٿين خالي استادن تي لاٺي چارج، ڳوڙها گئس، واٽر ڪينن ۽ گرفتارين سان پيپلز پارٽي جو نام نهاد جمهوري چهرو وائکو ٿيو آهي.پ پ حڪومت استادن، هيلٿ ورڪرز، ڪمند ۽ سارين جي آبادگارن، پبلڪ سروس ڪميشن پاس نوجوانن، ڪلارڪن، آبپاشي ۽ پيرا ميڊيڪل جي ملازمن سان دشمنن جهڙو حشر ڪيو آهي. ائين ته هٽلر به پنهنجن مخالفن سان نه ڪيو هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *