Latest news

وڏي وزير ماسترن کي گريڊ ست کان سورهن ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

January 4, 2018 at 9:51 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 1992ع ۾ ڀرتي ڪيل ماسترن کي سورهين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.رپورٽ مطابق سنڌ جي ماسترن لاءِ خوشخبري آهي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انهن کي گريڊ 7 مان 16 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق جن استادن کي گريڊ 16 ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي آهي اهي 1992ع يا ان کان اڳ ڀرتي ڪيا ويا هئا.ان حوالي سان وڏي وزير جو چوڻ آهي ته انهن ماسترن کي سورهين گريڊ ۾ ترقي ڏني ويندي جن 25 سال سروس پوري ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *