Latest news

پ پ ملڪ جي زنجير آ جنهن کي ٽوڙڻ جي سازش پئي ڪئي وڃي: مراد علي شاهه

January 5, 2018 at 11:47 pm

ميرپورخاص(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي زنجير آهي پر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ان زنجير کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ميرپورخاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ جي نالي تي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي ترقي ٿي آهي رڳو لاهور ۾ اورنج لائن ۽ ميٽرو بس جي ترقي نر آئي آهي ۽ اڄ به بلوچستان ۾ ماڻهو بک ۾ مرن پيا، اڄ به گوادر جي نالي تي کربين رپيا ورتا پيا وڃن پر ٻار پاڻي کان محروم آهن. پنهنجي خطاب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪامياب جلسو ڪرڻ تي پ پ ميرپور خاص جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ان موقعي تي هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ قرض مسلم ليگ ن جي حڪومت ورتو ۽ ملڪ کي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو قرضي بڻايو. هن اعلان ڪيو ته ميرپورخاص لاءِ ۽ اوور هيڊ برج پل ۽ دل جي اسپتال بڻائي ويندي. هن چيو ته  پ پ جي سرڪار رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايو جنهن ۾ ميرپور خاص، حيرآباد ڊول ڪيريج وي، ميرپو خاص سانگهڙ، ميرپورخاص کپرو ۽ ميرپورخاص ڊگڙي نو ڪوٽ روڊ تعمير ڪرايا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *