Latest news

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ، شهرين پاران احتجاج

January 8, 2018 at 12:31 am

حيدرآباد(رپورٽر): سنڌ جي ٻئين نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي. شهري پيئڻ جي پاڻي لاء سخت پريشان. ڪيترن ئي هنڌن تي شهرين جا احتجاج.خبر موجب حيدرآباد ضلعي جي ٽنهي شهري تعلقن، حيدرآباد سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ پاڻي جي کوٽ سبب شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن.حيدرآباد سٽي تعلقي جي مڪي شاهه روڊ، پڪو قلعو، ڪچو قلعو، ڦليلي، تلڪ چاڙهي، پٺاڻ ڪالوني، لطيف آباد تعلقي، حالي روڊ، سبزي منڊي، الوحيد ڪالوني، غريب نواز ڪالوني، حسين آباد، وحدت ڪالوني، لطيف آباد نمبر، 7 ، 8 9، ۽ قاسم آباد تعلقي جي گلستان سجاد، ڀٽائي ننگر، چانڊيا ڳوٺ، قاسم ٽائون، سٽيزن ڪالوني، نسيم نگر، سومرا ڳوٺ، شيدي ڳوٺ، ڏومرا ڳوٺ، علي پيلس سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.اڪثر علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻيءَ جي سپلائي بند ٿي وئي، پاڻي جي کوٽ سبب شهري سخت پريشان ٿي ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج پڻ ڪيا ويا آهن، احتجاج ڪندڙ شهرين جو چوڻ هو انتظاميا نالي شهر ۾ هاڻ ڪا به شي نظر نه ٿي اچي، پهريان شهر ۾ گندگي وڌي وئي هئي، هاڻ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته اسان ٽينڪرن وسيلي پاڻي گهرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، ان سڄي صورتحال جي ذميوارواسا انتظاميا آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *