Latest news

شرجيل ميمڻ ۽ شريڪ جوابدارن جي توهين عدالت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

January 10, 2018 at 9:38 am

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت اربين روپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار سنڌ جي اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ ۽ شريڪ جوابدارن طرفان توهين عدالت جي درخواست تي دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ پنج ارب 76 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ريفرنس جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران شرجيل ميمڻ ۽ شريڪ جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته مرڪزي جوابدار انعام اڪبر کي عدالت نه آندو ويو.ان جي وڪيل ٻڌايو ته انعام اڪبر بيمار آهي، جناح اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، عدالت نه ٿو اچي سگهي. هوڏانهن جوابدار طرفان داخل توهين عدالت جي درخاوست تي نيب جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ چيو ويو ته جوابدارن کي عدالت نه پر عدالت جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو.عدالت ٻنهي جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 18 جنوري  تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف شرجيل ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي نيب اختيارين تي تنقيد ڪئي هن چيو ته نيب جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ الڳ الڳ رويو آهي، شرجيل ميمڻ اهو سوال به ڪيو ته اسحاق ڊار، نواز شريف ۽ ان جي خاندان جا نالا اي سي ايل ۾ ڇو نه وڌا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *