Latest news

جيڪڏهن نواز شريف جو ساڳيو رويو رهيو ته رياست ڪمزور ۽ ملڪ ۾ تباهي  پيدا ٿيندي:خورشيد شاهه

January 11, 2018 at 10:12 pm

اسلام آباد ( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف جو مقصد قومي ادارن جي ساک ختم ڪرڻ آهي، سندس اڳرائيءَ جي رويي سبب ملڪ ۾ تباهي پکڙجندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قصور ۾ ٿيل واقعو درندگي جي انتها ۽ پنجاب حڪومت جي ناڪي آهي، اهو پهريون واقعو ناهي پر ماضي جو تسلسل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن رائيونڊ ۾ مور مرڻ سبب ايس پي کي معطل ڪيو  وڃي ٿو ته ننڍڙي جان تي پنجاب جو وڏو وزير پاڻ استعيفيٰ ڇو نه ڏئي رهيو آهي؟ سندس چوڻ هو ته معصوم ٻارڙي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري واقعي جي سزا ڏيڻ گهرجي جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿا ٿين ته اها حڪومت جي وڏي ناڪامي آهي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جو ڪم عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي،  پر مقتول ٻارڙي جي وارثن جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪئي وئي جنهن ماڊل ٽائون سانحي جي ياد تازي ڪئي جنهن جي مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته نواز شريف جي سوچ پويان سندس سوچ ۽ دوست آهن سندن مقصد ڪجهه ٻيو هوندو آهي،  اڳوڻي وزيراعظم جو مقصد ادارن جي ساک ختم ڪرڻ آهي. خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن نواز شريف جو ساڳيو رويو رهيو ته رياست ڪمزور ۽ سندس اڳرائي واري رويي سبب ملڪ ۾ تباهي  پيدا ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *