Latest news

خواب ڏسندڙ منظور وساڻ ۽ تڪ ۾ پيدا ٿيندڙ صورت حال

January 11, 2018 at 12:05 am

سيد زوار حسين شاه

سنڌ ۾ سدائين سوڀ ماڻيندڙ ڪئي خاندان هوندا جن عوام جي خدمت جي دعوا ڪئي هوندي پر ضلع خيرپور ۽ تعلقه ڪوٽ ڏيجي ۾ وساڻ فيملي جنهن جي اڳواڻي سنڌ جو ناليوارو سمجهدار سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجهو رهندڙ سنڌ جي راڻي شهيد بي نظير ڀٽو جو پر اعتماد شخصيت  آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي ويجهون رهندڙ سينئر سياستادن صوبائي وزير منظور وساڻ  واحد سياستدان آهي جيڪو پنهنجي تڪ جي عوام سميت سنڌ جي هر هڪ شهري ووٽر جي دلين تي راڄ ڪندڙ عظيم شخصيت آهي ، جنهن ضلع خيرپور ۾ رهي پنهنجي تڪ جي عوام سان سدائين گڏ رهي انهن جي ڏکن سورن ۾ باربر جا شريڪ رهيا آهن ، ڪافي عرصي کان وٺي سنڌ جي ڪئي سياستدانن مٿان ڇتيون تنقيدون ٿينديون اچن پيون جن کي عوام ڏانهن واپس وڃڻ جا دڳ به وسري ويا آهن پر صوبائي وزير منظور وساڻ واحد اڳواڻ آهي جنهن پنهنجي ووٽر لاء اڄ ڏينهن تائين هو سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي هر پندرهين ڏينهن ڳوٽ حاجي رحيم بخش وساڻ اچي عوام سان ڏک سور ۾ رهي ٿو انهن جا تمام ڳالهيون ٻچي هڪ ٻئي کان ناراض ڪئي خاندانن کي گڏ رهائي ٿو جيڪو هڪ تمام سٺو عمل آهي اهڙي عمل تي اسان کيس مبارڪ باد ضرور ڏينداسين ،

صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ، حاجي نوان خان وساڻ ميمبر سنڌ ڪائونسل منور وساڻ ضلع خيرپور چيئرمين شهريار خان وساڻ ۽ هاڻي بيريسٽر  هالار خان وساڻ  پنهجي پننجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن اهو به درست آهي ته وساڻ خاندان پ پ پ ۾ رهندي عوام جي خدمت ڪئي آهي اهو به درست آهي ته ادا اڄ جو انسان دخا پاڪ مان به خوش ناهي ، پر پوء به صوبائي وزرمنظور وساڻ  پنهنجي تڪ جي عوامجي انتهائي ويجهو رهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به اليڪشن ٿئي ٿي هو مخالف ڌر کي عبرت ناڪ شڪست ڏيئي ٿو جنهن کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ان سان گڏ هاڻي ڪجهه ٻئي پس منظر ڏانهن رخ تبديل ڪنداسين ته جڏهن ڪو به اڀرندو آهي ته  يا وري نالو ڪمائينيدو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ان اندر تڪبر پيدا ٿيندو آهي ان جي پويان جيڪو خاندان ان جي ذات وارا هوندا آهن اهي ڪجهه به ٿئي ڪوغلظ ڪم به ڪن جيڪڏهن ڦاسي پون ته پوء ان ئي شخصيت جو نالو کڻندا آهن جن تي هو باور ڪندا آهن تڪبر ڪندا آهن ائين اتفاق سان صوبائي وزير منظور جحسين وساڻ جي ذات وان ڪيو آهي جتي ڪو مسئلو ٿئي ته هو ان جو نالو استعمال ڪري پنهنجي جان ڇڏائيندا آهن ،

ڪجهه عرصي کان وٺي صوبائي وزير منظور حسن وساڻ حاجي نوان خان وساڻ مڻور وساڻ شهريار هاڻي هالار جي ڪري وڌيڪ عزت افزا؟ي ملي آهي جو پوري ضلعي خيرپور ته ڇا پر سنڌ جي عوام ۾ انهن لاء وڏي عزت آهي ماڻهون اڪثر مثال ڏيندا آهن ته سائين بهس جيڪڏهن اڳواڻ آهي ته بس منڻظور وساڻ صاحب جيڪا حقيقت به آهي پر اسان پڻ اهو محسوس ڪيو آهي ته ان جي زات وارا منظور حسين وساڻ ۽ ان جي خاندان جي ڪيل خدمت تي پاڻي وجهي رهيا آهن اسان  هو به تسليم ڪيون ٿا ته جهيڙا جهڳڙا به ٿيندا اهن ۽ سنڌ ۾ ته ڄڻ اها رسم هجي ، ان کي پوئيتي رکون ٿا جيڪڏهن سنڌ جي ٻين سياتستدانن تي نظر وجهون ته  ته اهي سڀ سياستدان ننڊ پيل آهن سواء منظور حسين وساڻ جي پوري  ٽيم کان  علاوه ، هو ان جي ٽيم جنهن ۾ حاجي نواب خان هجي پاڻ صوبائي وزيرمنظور وساڻ جي شهريار هجي منور حسين وساڻ هجي  اهي هر وقت عوام جي ويجهو رهندا آهن انهن جي ڏک درد ذ۾ سدائين گڏ هوندا آهن اهو ئي سبب آهي جو ان جي تڪ جا ماڻهون انهن سان پيار ڪن ٿا ، پر ڪجهه عرصي کان وٺي جيڪڏهن وساڻ زات جي ڪجهه افراد تي نظر وجهون ته اهو معلوم ٿيندو ته هو انهن وڏين حستين جو نالو استعمال ڪري هر ٻي قوم واري سان زيادتي ڪن ٿا ان کان اڳ گوپانگ برادري سان پڻ جهِڙو ٿيو جنهن ۾ پڻ ڪافي نفت ۾ اضافو ٿيو جنهن کي پڻ صوبائي وزير جناب منظور حسين ساڻ مداخلت ڪري ان گوپانگ قوم کي سنڀاليو ان سان گڏ سولنگي برادري سان به اهڙو ئي ڪجهه ٿيو جنهن بعد وري سيد خانسان سان جهنگي ۾ جهِرو ٿيو جنهن ۾ ڪئي سيد  نوجوان شديد زخمي ٿيا جنهن کان پوء انهن ڌرڻو هني روڊ بلاڪ ڪري ايف آر ڪٽرائي اهو مسئلو اڃان هلندڙ آهي ان سان گڏ تازو ڪنب ۾ هڪ نيوسرجن جي ڀاء سان ٿيل حالت به ڪنهن کان ڳجهي ناهي ان نوجوان جو ڪن ڪپيو ويو ان سان گڏ دماغ مٿي تي انتهائي شديد زخم آهن جنهن جو علاج هلندڙ آهي

هڪ احڙو ڊاڪٽر جنهن لنڊن کان ڊگري ڪري ڪراچي ۾ 25 لک رويپن تي  نوڪري ڪئي پر عوام سان پيار ڪندڙ انسان دوست شخصيت ذوالفقار منگي  ڪنب شهر ۾ اچي آپريشن ڪرڻ لڳو جن کان هو وڌ ۾ وڌ  10 کن 12 هزار روپيه وٺندو هو برحال هي پاڪستان آهي هتي جو الله پاڪ جي راهه تي هلندو انهن لاء هي دنيا غزاب کان گهٽ ناهي اهو اکين سان ڏسون پيا جنهن ي ڪيتري به وضاحت ڪجي گهٽ آهي ،برحال  جيڪو ٿيو اهو ٿيڻ نه گهرجي ها پر هي سوشل ميڊيا جو دور آهي جديد ٽيڪنالاجي هن مسئلي کي کڻي ڏنو هن مسئلي ۾ سڌو سنئون ڪجهه وساڻ جن تي اهو الزام هيو ته اهي اسپتال ۾ گهڙي ڊاڪٽر ان جي والدو ۽ ڀاء رضوان منگي کي شديد زخمي ڪيو جڏهن هو پنهنجي ڀاء کي زخمي حالت ۾ کڻي ڪنب ٿاڻي پهتا اتي به انهن کي ڪو خاطر خواه موٽ نه ملي برجحال جڏهن هو وري ڀاء کي کڻي اسپتال پهتا  تڏهن به انهن کي اهو ريسپانس نه مليو جنهن کان پوء ڊاڪٽر ذوالفقار ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو جنهن کان پوء پوري ملڪ مان ان تي تبصره ٿيندا رهيا ، ان تي ڪمينٽس ٿيندا رهيا ايتري قدر جو ملڪ جي ٻاهر رهندڙن به سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر ان جي ڀاء مٿان ٿيل حملي جو نوٽيس وٺي سخت ريمارڪس ڏنا ، ان دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه هوم منسٽر ، صوبائي وزير منظور حسين وساڻ آئي جي سنڌ فوري نوٽيس وٺي جڊي آئي جي سکر کي حڪم ڏنا ته فوري انهن جن ڊاڪٽر جي ڀاء ککي رتو رت ڪيو انهن کي گرفتار ڪيو وڃي جنهن بعد ايس ايس پي ضلع خيرپور شبير احمد سيٺار جي حڪم تي اي ايس پي سٽي اراء مظهر فوري ٽالا ساڻ ڪري  جهنگو ڀرسان وساڻ جي انهن گهرن تي چرحائي ڪئي جنهن بعد ڊاڪٽر ذوالفقار منگي جي ڀاء مٿان حملو ڪندڙ ملک ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو ڏاهو سياستدان وڏي تجربي وارو با همٿ  صوبائي وزير جناب منظور حسين وساڻ  حاجي نواب خان وساڻ نوٽيس ورتو ۽ انهن اهو ثابت ڪيو ته اسان جو انهن سان تعلق ناهي جيڪي اسان جي قول فعل تي نه ٿا هلن اهو ئي سبب آهي جو حملي ڪندڙ فوري گرفتار ٿيا  اسان جناب منظورحسين وساڻ حاجي نواب خان وساڻ مان اها اميد رکون ٿا ته خاص سيدن مٿان ٿيل حملو ان بعد وري ڊاڪٽر مٿان ٿيل حملو  ڪڏهن نه وسرندو ان ڪري جو هاڻي اهو دور ناهي ، سوشل ميڊيا جو دور آهي جيڪا حقيقت آهي اها سامهون اچي ويندي آهي ان ڪري سنڌ جو بهادر سياستدان ضرور اهڙو ڪردار ادا ڪندو جنهن سان عوام ۾ محبت ۾ اضافو اچي ۽ اندڙ اليڪشن 2018 ۾ اهي سڀ قومون کيس ساٿ ڏين جن جي ڀروسي تي منظور حسين وساڻ ۽ ان جي مڪمل ٽيم کٽندي رهي آهي ، سنڌ جو عوام سائين مڻظور حسين وساڻ کي اپيل ڪندا سين ته اهڙو خواب ڏسو جنهن سان هي تمام مسائل حل ٿي وڃين ۽ اهي جيڪي توهان جو نالو استعمال ڪري رهيا آهن آئيندو انهن کي اهڙي جرئت نه ٿئي جو ڪنهن غريب مٿاب تشدد ڪري سگهن

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *