Latest news

زرداري حڪومت رڳو وڏيرن ۽ آفيسر شاهي جي سهاري سان هلائي رهيو آهي: ممتاز ڀٽو

January 11, 2018 at 12:20 am

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار ممتاز علي خان ڀٽو سان اڄ ميرپور ڀٽو ۾ مختلف وفدن ملاقاتون ڪيون، انهن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته شهيد ڀٽو جي سياست محنت ڪش عوام جي لاءِ هئي ۽ انهن سان جڙيل هئي.شروع کان وٺي پيپلز پارٽي مزدور، هاري ۽ پورهيتن جي پارٽي جي حيثيت ۾ آئي، جنهن کي وڏيرا، چوڌري ۽ خان پنهنجو مخالف سمجهندا هئا ۽ 1970ع واري اليڪشن ۾ پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ته محنت ڪش طبقي ڀرپور ساٿ ڏنو پر سنڌ ۾ وڏيرا بدستور پ پ پ جا مخالف هئا ۽ پيپلز پارٽي جو جڏهن ڪجهه ٻين ڌرين جي ميمبرن ساٿ ڏنو تڏهن حڪومت ٺهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *