Latest news

زينب رڳو 7 سالن جي ٻارڙي هئي، ان کي وحشياتي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو:آصفه ڀٽو

January 11, 2018 at 12:22 am

اسلام آباد(بيورو)آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته زينب رڳو 7 سالن جي ٻارڙي هئي، ان کي وحشياتي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، منهنجي دل ٽٽي پئي آهي ۽ الله زينب جي وارثن کي همت ڏئي. مريم نواز پڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اميد آهي ته زينب جا قاتل جلد قانون جي گرفت ۾ هوندا ۽ جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏني ويندي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان به زينب سان زيادتي ۽ قتل جو نوٽيس وٺندي چيو ته واقعو انتهائي خوفناڪ، افسوس جوڳو ۽ برداشت جوڳو ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *