Latest news

زينب واقعي خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي،حالتون خراب

January 11, 2018 at 12:15 am

قصور/ راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ننڍڙي ٻارڙي سان زيادتي بعد قتل خلاف شهر ۾ هنگامي شروع ٿي ويا ۽ احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن تي پوليس فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب قصور ۾ ننڍڙي ٻارڙي زينب سان زيادتي ۽ قتل جي واقعي خلاف عورتن سميت وڏي انگ ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ پوليس جي انتظاميا جي نااهلي خلاف سخت احتجاج ڪيو. واقعي خلاف شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي ۽ ڪاروبار زندگي متاثر رهي. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته زينب 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي وئي هئي ان جي باوجود پوليس سندس بازيابي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو. مظاهرو ڪندڙن ڪشمنر آفيس تي حملو ڪيو ۽ آفيس جو دروازو ٽوڙي ڇڏيو ۽ ڏنڊن سان گاڏين جا شيشا به ٽوڙي ڇڏي . مڇريل ماڻهن پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن تي پوليس مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ سخت فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي تنهن هوندي زخمن جا سور نه سهندي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٻئي پاسي قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل معصوم زينب جي ماءُ پيءُ جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري تائين ڌيءَ کي دفن نه ڪنداسين. عمري جي ادائيگي کان پوءِ اسلام آباد پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل نينگري جي والد جو چوڻ هو ته پوليس ٻارڙي کي ڳولهڻ ۾ سهڪار ناهي ڪيو، جيڪڏهن پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪري ها ته جوابدار گرفتار ٿي وڃن ها. ٻارڙي جي والد جو چوڻ هو ته جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌيءَ کي دفن نه ڪنداسين.  هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف ڏيڻ جي اپيل به ڪئي. ٻئي پاسي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قصور ۾ مبينا طور تي زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري زينب جي واقعي سخت مذمت ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف مقتول ٻارڙي جي والدين طرفان انصاف جي فراهمي جي اپيل تي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ فوج کي سول انتظاميا سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *