Latest news

ملڪ ۾ معصوم ٻارڙا غير محفوظ آهن: اياز لطيف پليجو

January 11, 2018 at 12:16 am

حيدرآباد(رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي قصور پنجاب ۾ معصوم ٻارڙي زينب سان زيادتي ۽ قتل واقعي جي مذمت ڪندي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ معصوم ٻارڙا غير محفوظ آهن، آئي ڏينهن زيادتين، قتل ۽ درندگين جا واقعا پيش ايندا رهن ٿا. حڪمرانن جا ٻار پروٽوڪول ۽ انتظامي تحفظ ۾ پلجي رهيا آهن ان ڪري انهن کي عام ماڻهن جي معصوم ٻارن جي تحفظ، تعليم ۽ تربيت جو ڪو خيال ناهي، جنهنڪري پنجاب، سنڌ ۽ پاڪستان جون زينب جهڙيون ڌيئرون درندن جو شڪار ٿي رهيون آهن. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو.اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته پئسي جي طاقت ۽ ڌانڌلين ذريعي اقتدار ۾ ايندڙ حڪمرانن تي عوام جو ڪو به اعتماد ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *