Latest news

پوليو جو خاتمو ڪرڻ ضروري آهي

January 11, 2018 at 12:04 am

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ پڪو پهه ڪندي چيو آهي ته اها قومي جنگ آهي ۽ اها اسانکي کٽڻي آهي. ان بيماريءَ جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن سمورن ڊويزنل، ضلعي انتظاميا ۽ هيلٿ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ سخت محنت سان ڪم ڪيو وڃي ۽ پنهنجن علائقن کي پوليو کان پاڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته اها قومي جنگ آهي ۽ اها اسانکي کٽڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رٿيل پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، محترمه شهباز وزير علي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، سمورن ڊويزنن جا ڪمشنرن، سي اِي او (پي پي ايڇ آءِ) ڊاڪٽر رياض ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ طاهر عزيز شيخ، نيشنل ٽيم ليڊ بي ايم جي ايف جان ايگبور، نيشنل ٽيم ليڊ يونيسيف ڊاڪٽر عابدي عبدالرحمان، نيشنل ٽيم ليڊ ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر ڪمال الدين سومرو، نيشنل ٽيم ليڊ اين ايس ٽي او پي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته رڳو پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو وائرس موجود آهي ۽ باقي دنيا مان ان وائرس جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسان جي حقيقي اپائن ڪري اسان بهتر نتيجا حاصل ڪيا آهن پر اڃا به صوبي جي ڪجهه حصن بشمول ڪراچي شهر ۾ پوليو جو وائرس موجود آهي جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ انڪار جي وڏي شرح، بلوچستان ۽ افغانستان جي علائقن مان ماڻهن جي سنڌ ۾ لڏپلاڻ ۽ گند ڪچرو کڻڻ جون غيرموئثر خدمتون شامل آهن. اجلاس ۾ پوليو جي روڪٿام ۾ اڳڀرائيءَ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي پوليو جي خاتمي بابت پوليو ڪوآرڊينيٽر فياض جتوئيءَ ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ اهم اپاءَ وٺي رهيا آهيون، گذريل سال جولاءِ کان آڪٽوبر 2017ع تائين ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پوليو جا ماحولياتي نمونا مثبت رهيا جڏهن ته خميسي ڳوٺ، چڪرا نالي، راشد منهاس ۽ محمد خان ڪالونيءَ ۾ وائرس نظر نه آيو ۽ ڊسمبر 2017ع تائين اورنگي نالي ۽ بختاور ڳوٺ جي علائقن ۾ پوليو وائرس جا نمونا مثبت جڏهن ته مڇرڪالوني ۾ وائرس نظر نه آيو. هن ٻڌايو ته گڏاپ، لانڍي ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾ گند ڪچري ڪري پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي آهي

. جنهن تي وڏي وزير چيو ته مون کي شديد ڏک رسيو آهي ته نومبر 2017ع ۾ هڪ ٻيو پوليو ڪيس ظاهر ٿيو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تحقيق ڪئي وڃي ته ڪهڙن ڪارڻ سبب پوليو وائرس پکڙيو. وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته انگن اکن موجب سال 2014ع ۾ سنڌ ۾ پوليو جا 30 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 23 ڪراچيءَ ۾ هئا، جڏهن ته سال 2015ع ۾ پوليو جا 12 ڪيس جن مان 7 ڪراچيءَ مان هئا ۽ سال 2016ع ۾ پوليو جا 8 ڪيس جن مان هڪ ڪراچيءَ مان هيو ۽ 2017ع ۾ پوليو جا 2 ڪيس سامهون آيا جيڪي ٻئي ڪراچي شهر ۾ ظاهر ٿيا، اهڙي حساب سان اوهان جي محنت سان اسان خاطرخواهه ضابطو آندو آهي پر اڃا تائين پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ مطلب اسانکي وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *