Latest news

ڊاڪٽر ذوالفقار منگي سان ٿيل ظلم جو ازالو ڪير ڪندو…..!!

January 11, 2018 at 12:05 am

حسن ناز سومرو

سنڌ ۾ صدين کان وڏيرا شاهي نظام لاڳو ٿيل آهي سو سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ڪم وڏيرن جي حڪم کان سواءِ نه ٿيندو آهي سو وري انهن وڏيرن جا پاليل غنڊا جيڪي ڏينهن ڏٺي جو غريب ماڻهن کي ظلم جو نشانو بڻائيندا رهندا آهن پر انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪير به نه هوندو آهي، پوليس به انهن وڏيرن جي خادم هوندي آهي، جڏهن ته مظلوم ماڻهو در در جا ڌڪا کائيندا رهندا آهن، اهڙي قسم جو هڪ ظلم گذريل ڏينهن ضلعي خيرپور جي علائقي ڪمب ۾ نيورو ڊاڪٽر ذوالفقار منگي سان ان وقت پيش آيو جنهن وقت هو پنهنجي ڪلينڪ تي مريضن جو معائنو ڪري رهيو هو سو ايتري ۾ شهر جا ڪجھ ڏوهاري ماڻهو هڪ شخص کي وٺي ڊاڪٽر ذوالفقار منگي وٽ وٺي آيا ۽ ڊاڪٽر کي چيائون ته هن مريض جو معائنو ڪريو جنهن تي ڊاڪٽر چيو ته مان جنرل فزيشن نه آهيان مان هڪ نيورو فزيشن آهيان سو توهان هن مريض کي ڪنهن جنرل فزيشن کي ڏيکاريو پر، انهن ماڻهن ضد ڪئي ته نه توهان کي هن مريض کي ڏسڻو پوندو جنهن تي ڊاڪٽر وراڻيو ته جيڪڏهن توهان ضد ٿا ڪريو ته پوءِ ڀلا نمبر سان اندر اچو جنهن تي اهي ڏوهاري ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ڊاڪٽر ذوالفقار منگي کي ڪچيون گاريون ڏيڻ لڳا جنهن تي ڊاڪٽر چيو ته بابا گاريون نه ڏيو منهنجي امڙ اندر ويٺي آهي پر هو همراه نه مڙيا ۽ هليا ويا ڪجھ دير کان پوءِ اهي ساڳيا غنڊا هڪ ۾ لوه جا سريعا کنيون آيا ۽ اچڻ شرط ڊاڪٽر ذوالفقار جي ڀاءُ کي سريعا هڻڻ شروع ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار منگي جي ڀاءُ جو ڪن وڍجي پيو دماغ ۾ به چڪ لڳو ۽ سندس والده کي به لوه جا سريعا هڻي زخمي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجھ ڌڪ ڊاڪٽر ذوالفقار منگي کي به لڳا پر گھڻا ماڻهو وچ ۾ اچڻ جي ڪري اهي ڏوهاري نعرا هڻندا ڀڄي ويا، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار منگي پوليس ٿاڻي تي آيو ۽ ٿاڻي جي صوبيدار کي ايف آءِ آر لکڻ لاءِ چيو پر ٿاڻي جي صوبيدار ايف آءِ آر لکڻ کان جواب ڏنو ڇاڪاڻ ته ڏوهاري ماڻهو وڏي پهچ وارا آهن جنهن تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گھر اچي سوشل ميڊيا تي اها پنهنجي ويڊيو ڏيکاري جنهن ۾ سندس ڀاءُ جو ڪن وڍيل هو پر افسوس جو ڪنهن به پوليس آفيسر دانهن نه ٻڌي پر جڏهن سوشل ميڊيا تي اها ڳاله پهتي ته ان کان پوءِ ٿاڻي وارن آيف آءِ آر لکرائڻ لاءِ گھرائي ورتو پر هن مهل تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

ضلعي خيرپور جي شهر ڪمب ۾ ٿيل اهڙي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ ڪمب شهر جي عوام ۾ ڪافي خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آهي ڇاڪاڻ اتان جي عوام اها ڳاله سوچڻ تي مجبور ٿي پيئي آهي ته جڏهن هڪ نيورو ڊاڪٽر جيڪو ٻاهرين ملڪن مان نيورو جي ڊگري وٺي آيو آهي ۽ هن ڪراچي جهڙي شهر کي ڇڏي اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ کولي پنهنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهي پيو جڏهن ته 10 لک روپين ۾ ٿيندڙ آپريشن فقط ڏهن هزارن ۾ ڪرڻ لڳو هو اڄ ان ڊاڪٽر کي جهڙي طريقي سان ڪمب شهر ۾ ذليل ۽ خوار ڪيو آهي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

سنڌ ڌرتي تي رهندي سنڌي ماڻهن ڌارين جا ته سوين سور سٺا آهن پر هن وقت پنهنجا به ڌارين کان گھٽ ڪونه لڳي رهيا آهن، اسان جا اهي پنهنجا جن کي اسين ووٽ ڏيئي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آهي اڄ انهن جا ئي ڇاڙتا اسان جا ئي ڪن وڌي رهيا آهن ۽ اسان کي چڱائي جو بدلو برائي ۾ ڏيئي رهيا آهن.

ڊاڪٽر ذوالفقار منگي جنهن جو تعلق هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪمب سان هجڻ جي باوجود به هن محنت ڪري ٻاهرين دنيا تائين وڃي پهتو هو جتي هن کي هڪ پاڪستاني جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ ٻاهرين دنيا ۾ رهي ڪري هن پاڪستان جو نالو روشن ڪيو هو پر جڏهن هو اسان وٽ موٽي آيو آهي ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي ان ڳاله جي جيتري مذمت ڪجي سا گھٽ آهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار منگي جون اڀ ڏاريندڙ دانهن تي به ڪمب شهر جي پوليس اهلڪارن کي رحم ڪونه آيو ته پوءِ اسان جي هي پوليس ڪهڙي ڪم جي…..؟؟   اسين ته انهن پوليس وارن کي عوام جو محافظ سمجھندا آهيون پر اهي ڪمب شهر جا پوليس اهلڪار عوام جا محافظ آهن يا وڏيرن جا دلال آهن جيڪي ڏينهن رات ويهي چونڊيل نمائندن جا بوٽ پالش ڪندا آهن سو جيڪڏهن پوليس وارن جا اهي ڪم رهيا ته پوءِ هتان جي غريب عوام جو ڇا ٿيندو……..؟؟
هن وقت ڊاڪٽر ذوالفقار منگي جي آيف آءِ آر تڏهن لکي ويئي آهي جڏهن هن جي ٻاهرين دنيا جي دوستن وڏو آواز اٿاريو آهي ۽ هاڻي ٻاهرين دنيا جي ماڻهن کي به چڱي ريت خبر پئجي ويئي آهي ته پاڪستان جي پوليس جو ڪهڙو ڪردار آهي.  سو اسين به وزير اعظم پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪنداسين ته ڊاڪٽر ذوالفقار منگي تي ۽ سندن گھر ڀاتين تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن دهشتگردن جي پٺيان ڪهڙا هٿ آهن انهن کي به وائکو ڪيو وڃي جي نه ته پوءِ اليڪشن به مٿان آهي ۽ نگران حڪومت به قائم ٿيڻ واري آهي ۽ نگران حڪومت قائم ٿيندي ئي ڪيترن ئي چڱن مڙسن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪيا ويندا ۽ پوءِ ٿيندو انهن جو احتساب ……..!! پوءِ ڪٿي ائين نه ٿئي جو عوام جو ساٿ ڇڏيندڙ چونڊيل نمائندا هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي درن تي وڃن ۽ عوام به اهڙوئي ڪم ڪندي جهڙو انهن نمائندن حڪومت ۾ رهي  ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *