Latest news

حالتن ۽ ڪوڙن ڪيسن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين: نواز شريف

January 12, 2018 at 11:22 pm

لاهور(م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حالتن ۽ ڪوڙن ڪيسن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. رپورٽ مطابق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي رهائشگاهه جاتي امرا فارم هائوس ۾ ڪارڪنن سان گڏ جمعي نماز ادا ڪئي، نواز شريف ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا به ٻڌا.ڪارڪنن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف چيو ته حالتن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ڪارڪن متحد  رهن ڇو ته عوامي رابطا مهم ۾ انهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.نواز شريف جو چوڻ هو ته مخالف اسان جي خلاف جيڪي سازشون ڪري رهيا آهن، انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ماضي ۾ ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ هاڻ به ڪنداسين، 2018ع ۾ عوامي احتجاج ۽ ڌرڻي جي سياست کي رد ڪري ن ليگ جو ساٿ ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *