Latest news

سيوهڻ سانحي کي سيوهڻ اسپتال سانحو بڻائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي:بلاول ڀٽو زرداري

January 12, 2018 at 11:35 pm

سيوهڻ ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سيوهڻ سانحي کي سيوهڻ اسپتال سانحو بڻائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. سيوهڻ ۾ دل واري اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قلندر جي نگريءَ ۾ دهشتگردن ڌمال روڪڻ لاءِ ڌماڪو ڪيو. هن چيو ته قلندر جي نگري جي ماڻهن جو دنيا ۾ ايترو تماشو بڻايو ويو جيئن پ پ کي نقصان پهچي. سندس چوڻ هو ته مخالفن جو چوڻ هو ته هتي ڪا اسپتال ئي ناهي، اڄ ان ئي اسپتال ۾ بيٺل هيس جتي سانحي جي زخمين کي آندو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي پنهنجي سروسز بهترين ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ترقي لاءِ پنهنجي ڪمٽمينٽ تي اسان سئو سيڪڙو قائم آهيون. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ باوجود اڃا مسئلا آهن. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتال دنيا ۾ دل جي مرض جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، ٽن سالن دوران اسپتال جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. سندس چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ تحت 6 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگو علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ هاڻي هڪ رپيه به خرچ نه ايندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪم جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي پوءِ به چون ٿا ته سنڌ سرڪار ڇا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ رڳو اڍائي سو سائبر نائف مشينون آهن جيڪي سنڌ ۾ به موجود آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ دل جي مرض جو علاج عام ماڻهو جي پهچ ۾ ڪري ڇڏيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *