Latest news

انڊر19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ: سيمي فائنل ۾ پاڪ ڀارت ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون

January 26, 2018 at 5:33 pm

ڪوئنز ٽائون (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي انڊر19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽ فائنل ميچ ۾ ڀارت بنگلا ديش کي 131 اسڪور تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. جنهن کانپوءِ سيمي فائنل ۾ هاڻي ڀارت جو مقابلو پاڪستان سان ٿيندو، جيڪو پهريان ئي سيمي فائنل ۾جاءِ ٺاهي چڪو آهي. ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل 29 جنوري تي افغانستان ۽ آسٽريلا وچ ۾ ٿيندي. جڏهن ته 30 جنوري تي ٿيندڙ ٻي سيمي فائنل ۾ ريتي حريف پاڪ ڀارت آمهون سامهون ٿينديون. ٻئي سيمي فائنل پاڪستاني وقت موجب رات اڍائي وڳي شروع ٿيندا. هر ٻه سالن بعد ٿيندڙ آءِ سي سي انڊر19 ورلڊ ڪپ جي 12 هين ايڊيشن جو آغاز 13 جنوري کان نيوزي لينڊ ۾ ٿيو هو. 16 ٽيمن جي اها ٽورنامنٽ 3 فيبروري تائين جاري رهندي، جنهن ۾ شريڪ ٽيمن کي چار چار جي گروپن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *