Latest news

جان سينا، عامر خان جي فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ جو سيڪريٽ مداح

January 26, 2018 at 5:20 pm

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور آمريڪي ريسلر جان سينا بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ جو سيڪريٽ مداح نڪتو. جان سينا جو انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪرڻ جو هڪ خاص انداز آهي ۽ هو جڏهن به ڪا پوسٽ شيئر ڪندو آهي ان جو ڪيپشن نه لکندو آهي. تازوئي جان سينا انسٽاگرام تي عامر خان جي هڪ تصوير بنا ڪيپشن جي پوسٽ ڪئي. عامر خان جي اها تصوير گذريل سال ريليز ٿيل فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ جو هڪ منظر هو جنهن ۾ هن راڪ اسٽار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. جيئن ته جان سينا ڪيپشن ته لکندو ناهي، پر تصوير ڏسي جيڪڏهن اهو اندازو لڳايو وڃي ته غ:ط نه ٿيندو ته جان سينا عامر خان جي فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ سان گڏوگڏ مسٽر پرفيڪشنسٽ مان به متاثر ٿي ويو آهي. فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ گھٽ بجيٽ جي فلم آهي. جيڪا عامر خان جي پروڊڪشن هائوس جي بينر هيٺ تيار ٿي آهي، ان فلم ۾ عامر خان مختصر ڪردار ادا ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *