Latest news

جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف بلند ٿيندڙ آواز ……

January 26, 2018 at 5:04 pm

مسرورسيال

جڏهن ميهڙ ۾ سرداري نظام جو شڪار ٿيل مظلومن جي تڏي تي  وياسين ته اتي گڏ ٿيل هزارين ماڻهن کي ڏسي اِها اُميد جاڳي پئي ته هاڻ سنڌ جاڳي پئي آهي کين جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڪوبه خوف رنڊڪ ناهي سندن اکين ۾ بغاوت کي چٽو ڏسي پئي سگھيو . ان ڪري به تڏهن ان ڪم لاءِ کين ڪنهن اُتساھه ضرور ڏنو هوندو ، ڏسجي ته جن جي حمايت ۾ احتجاج ڪيا پيا وڃن اُهي پاڻ به جاگيردار هئا پر هي عوام ، سنڌ جا دانشور . ليکڪ ، اديب ، صحافي ، فنڪار ، شاعر ، وڪيل مطلب سموري سول سوسائٽي سراپا احتجاج آهي اصل حقيقت اِها آهي ته شهيد ڪيل اُهي آهن جيڪي جاگيردار هوندي به جاگيرداري وارن ڪڌن عملن کان پري هوندا هئا هُو عوام سان گڏ هوندا هئا سندن ڏکن ، سکن ۾ ساڻن ڀاڱي ڀائيوار نظر اندا هئا خاص ڪري مختيار چانڊيو کان آءُ ذاتي طور واقف هئس سندس طبعيت فقيراڻي هئي هڪ سماج سيوڪ جو ڪردار ادا ڪندڙ هو ،

هن سرداري نظام کان بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو هو ميهڙ کان گاجي کهاوڙ ويندڙ روڊ سان ڌامراھه شاخ واري ڪڙ سان ويندي  ڳوٺ ڊرٻ ڪوڙو اچي ٿو جيڪو سندن اصل ڳوٺ هو. سندن زمينون به هن ئي ڳوٺ ۾ هيون جتان هو يوسي جو ناظم ۽ چئيرمين چونڊبا رهيا آهن هنن جو سياسي اثر سٺو هو ان ڪري ماڻهوءُ کين ووٽ ڏيندا هئا آءُ گھڻو وقت اڳ سندن ڳوٺ ويو هئس ۽ حيرت ٿي هئم ته هڪ ڳوٺ جي گهٽين ۾ سي سي بلاڪ لڳل هئا ، اسڪول هو ، مسجد جڙيل هئي جيڪا به سندن جي ڪوشش هئي ، مختيار چانديو شاعري سان دلچسپي رکندو هو هن جون اڪثر محفلون به شاعرن ۽ راڳين سان ٿينديون هيون ان ڪري هُو طبيعيت ۾ حساسيت رکندڙ هو گھڻي قدر ماڻهن جي ڀلي لاءِ سوچيندو هو کيس  اهڙي سوچ ئي غريبن جي ويجھو آڻي ڇڏيو جنهن ڪري غريب وٽس ايندا هئا ۽ پنهنجا مسئلا ٻڌائيندا هئا  هو سياسي گھٽ سماجي ورڪر يا اڳواڻ وڌيڪ لڳندو هو . سو اُهو ئي سبب هو جو سندن بيگناھه قتل تي سڀ جا سڀ اٿي کڙا ٿيا شهيد مختيار چانڊيو ، هن جو پيءِ ڪرم الله چانڊيو ، جوان ڳڀرو ڀاءَ قابل چانڊيو جن کي ميهڙ ۾ سندن ئي  اوطاق تي فائر ڪري قتل ڪيو ويو جنهن جي قتل جي ايف آءِ آر چانڊيا برادري جي سردار ، سرداراحمد چانديو ۽ برهان چانڊيو خلاف داخل ڪرائي وئي پر هو قانون کان ان ڪري ڏاڍا آهن جو سردار آهن ۽ سنڌ حڪومت جو حصو آهن ان ڪري هنن جي  گرفتاري به نه ٿي سگھي آهي .

ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ کين قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ها پر ائين ٿيڻ اسان جي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏکيو هجي ٿو ڀل ته ملڪ جا قانون ڏکيائي محسوس ڪن پر خدا جو قانون خاموش رهڻ وارو ناهي کين خدائي قانون جي پڪڙ ۾ ضرور اچڻو پوندو . عوام به کين هاڻ سڃاڻڻ  شروع ڪيو آهي  ، ان جو ثبوت اُهو احتجاجي مظاهرو هو جيڪو شهيدن جي اوطاق تان ڪڍيو ويو هو ۽ ميهڙ جي شهر جو وڏو حصو گشت ڪرڻ کانپوءِ گھنٽا گھر پهتو جتي مظاهرو وڏي عوامي ميڙ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو جنهن جي اڳواڻي سنڌ جو نالي  وارو دانشور جامي چانڊيو ، پنهل ساريو ، بيدل مسرور ، خليل چانڊيو ، جي اين کوسو ، مختيارميراڻي ، فاروق سومرو ، مسرورسيال ، سرتاج چانڊيو ، جعفر ميمڻ ، مهيش ڪمار ، حڪيم زنگيجو ، رياض چانڊيو  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سول سوسائٽي جي شرڪت مان ثابت ٿيو ته سنڌ سرداري ۽ قبائلي نظام جي خلاف آهي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هي احتجاج هاڻ ميهڙ تائين محدود نه رهندو

پر هن احتجاج کي پوري سنڌ ۽ ملڪ تائين کڻي وڃبو جيسيتائين قتل ۾ ملوث سردار گرفتار نٿا ڪيا وڃن … خير اِهو مطالبو ته احتجاج ڪندڙن جو حق آهي پر اسان جي موجوده قانون ۾ ڏاڍي کي  تحفظ ڏنو وڃي ٿو ڏسڻو هي پوندو ته سول سوسائٽي جو آواز وڌيڪ طاقتور بڻجي ٿو يا ڏاڍي جو ڏاڍ ….. ميهڙ ۾ 10 ڏينهن اڳ شهيد ڪيل هڪ پيءُ ۽ ٻن پٽن جا قاتل به ان ڪري قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچن ته هُو ڏاڍا آهن ۽ سندن واسطو پ پ پ سان آهي

جيڪا سنڌ جي حڪمران پارٽي آهي ۽ حيرت جي ڳالھه اِها به آهي ته شهيد ٿيندڙ ڪرم الله چانڊيو ۽ مختيار چانڊيو يوسيز جا چئيرمين هئا جڏهن ته نوجوان قابل چانڊيو دادو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر هو جيڪي پڻ پ پ سان واسطو رکندڙ هئا ۽ پ پ جي ٽڪيٽ تي ئي چونڊ وڙهيا هئا . تنهن هوندي به  پ پ قيادت مقتولن جي وارثن سان ڪوبه رابطو نه ڪيو آهي ٻئي طرف وري آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پير محمد شاھه کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو جنهن ميهڙ اچي شهيدن جي وارثن جا بيان قلمبند ڪيا آهن ، پوليس انڪوائري مان اعتماد ان ڪري کڄي ويو آهي جو پوليس وري به حڪومت جي ماتحت هوندي آهي  ۽ جوابدار حڪومت جا ويجھا ساٿاري آهن ، اصل ۾ انڪوائري جي ڪا ضرورت ناهي جڏهن دهشتگردي ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ٿي چڪو آهي ته پوءِ اُهو ڪيس چالان ٿيڻ گھرجي ۽ جوابدار گرفتار ٿيڻ گھرجن ان کانپوءِ انڪوائري ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ گھرجي پر هت ابتو ڪم ڪيو وڃي ٿو ، انڪوائري جي طريقي سان جوابدار بچايا وڃن ٿا ۽ ڪيس لوڙهيا وڃن ٿا ٿيڻ ته ائين گھرجي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ، هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ،ماڻهن وٽ آخري آسرو عدالت ئي رهيو آهي پر ڏسجي ته سول سوسائٽي جي اهڙي مطالبي باوجود عدالت ۾ ٻنهي جوابدار سردار ڀائرن جون عبوري ضمانتون منظور ڪيون ويون آهن . اصل م ميهڙ ۾ ٿيل هي قتل عام ناهي هونءَ به ڪنهن به انسان جو قتل گناھه آهي پر هي انهن جو قتل آهي جيڪي سرداري نظام خلاف آواز اٿاري چڪا هئا تنهن ڪري هي سرداري نظام خلاف  اٿندڙ آواز جو قتل آهي جيڪڏهن وارثن کي ۽ احتجاج ڪندڙ سول سوسائٽي کي انصاف نه مليو ته پوءِ عدالت تان به ويساھه کڄي  ويندو ۽ عوام ائين پيو ماريو ويندو مظلوم دانهون ڪندو رهندو ، ظالم ظلم ڪري آزاد گھمندو ڦرندو رهندو پر جي انصاف مليو ته ڪنهن ڏاڍي کي همٿ نه ٿيندي ته هُو عدالتن کان مٿانهون ٿي اهڙا قتل ڪندو رهي ۽ بيگناھه مارجي ويلن جا وارث اِها دانهن نه ڪندا ته کين انصاف نه ملي سگھندو ….! هي عدالت مٿان آهي ته عدالتي قلم کي مظلوم جي مدد لاءِ يا ظالم جي تحفظ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو .، خير ماضي ۾ اهڙا مثال گھڻائي ملن ٿا پر هاڻ عدالت پاران پاڻمرادو نوٽيس ماڻهن ۾ عدالت پنهنجو اعتماد بحال ڪيو آهي ۽ هن اعتماد جي بنياد تي عوام وري به عدالت ڏانهن رجوع ڪري ٿو ، ميهڙ واقعو هڪ سانحو آهي ان سانحي ۾ ملوث طاقتور ڌرين کي وائکو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي  اُهو ڪم عدالت سڳوري .ئي ڪري سگھي  ٿي  وري به ڏسجي ته اصل ۾ هي ڪم حڪومت جو آهي ته هُو پوليس ذريعي صاف شفاف جاچ ڪري ۽ ڏوهارين کي ظاهر ڪري ته جئين عدالت ان جاچ جي حوالي سان فيصلو ڏئي پر اڪثر ڪيس اهڙا هجن ٿا جنهن ۾ پاڻ حڪومت ملوث ٿي وڃي ٿي ۽ جاچ تي به اثر انداز ٿيو وڃي ان ڪري انصاف ملڻ مشڪل هوندو آهي ، اهو ئي سبب هجي ٿو جو متاثر ڌر توڙي سول سوسائٽي عدالت کان جاچ جا مطالبه ڪندي نظر اچن ٿا ، ميهڙ واقعو اصل ۾ اهڙو واقعو آهي جنهن جي جاچ پڻ اڻ ڌري ٿيڻ گھرجي پر ان کان اڳ بااثر سردار گرفتار ٿيڻ گھرن ته جئين جاچ تي اثر انداز نه ٿي سگھن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *