Latest news

جيڪڏهن باهه ڀڙڪي ته پوء ڇا ٿيندو ..؟

January 26, 2018 at 5:04 pm

سيد زوار حسين شاه

سنڌ جي ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي جنهن مان پيار امن يڪجهتي جي خوشبو ايندي رهندي آهي  جنهن ڪري اسان پوري دنيا ۾ مشهور آهيون اسان جي اها اهڙي شناخت آهي جنهن کي ڪو به رد نه ٿو ڪري سگهي غيرن کي پنهنجو ڪرڻ کي عبادت سمجهندا آهيون تنهن ڪري اسان جي منفرد حيثيت آهي پر ڪجهه عرصي کان وٺي اسان جي سنڌ ۾ قبيلائي جهڳڙن جي ور چڙهي ويل سنڌ ڪافي تباهه ٿي آهي پر پوء به اسان پنهنجي شناخت برقرار رکيون پيا اچون پر ڪجهه عرصي کان وٺي سنڌ ۾ پڻ ٻن وڏين گادين درگاه غوثيه دستگير راڻي پور ۽ درگاهه پير جو ڳوٽ پير پاڳاره سائين جن وچ ۾ وڏي سازس ٿي رهي آهي ته جيئن اليڪشن 2018 ۾ هو هڪ ٻئي سامهون بيهي رهن اهڙو ته ماحول پيدا ڪيو پيو وڃين جيئن ٻنهي گادين درميان افراتفري پيدا ڪئي وڃين ۽ حلات خراب ٿي وڃن جنهن کان پوء ٻئي گاديون هڪ ٻئي سامهون بيهي خوناريزي ڪنديون مان سمجهان ٿو ته  سنڌ پوليس جي قابل احترام آئي جي سنڌ  اي ڊي خواجه سميت ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور کي فوري نوٽيس وٺي هن ٻرندڙ باهه مٿان پاڻي وجهي وسائڻ جي ڪوشس ڪئي وڃين هن وقت وقت جي اهم ضورت اهي ته امن بحال رکيو وڃين حالات خراب نه ٿين هونء ته ايس ايس پي خيرپور احتجاجن کان پوء نوٽيس ورتو هوندو انڪوائري ڪاميٽي به جوڙي وئي هوندي  فقير علي حسن ملاح جيڪو ملاح ڪميونٽي جو ضلعي صدر به آهي ، هن وڏي سائين درگاهه پير ڳوٺ  پير صبغت الله شاو راشدي پير پاڳاره سائين کي اپيل ڪئي آهي ته توهان اسان جا به وڏا آهيو هي وڏي سازش ٿي رهي آهي جنهن ۾ مک ڪردار خام آارادين جو آهي ان تي نظر رکندي قرآن تي عوام جي سامهون انڪوائري ڪري انصاف ڪيون جنهن جي شن+ ثابت ئي ان حوالي ڪيو ، جيڪڏهن نوٽيس نه ورتو ته سائين هو زمين اسان جي جيجل امڙ آهي امڙ جو ساٿ ڪير ببه نه ڇڏيندو لکين ملاح همدرد ف ليگ کان مڪمل دوري اختيار ڪندا هڪ ووٽ به نه ڏيندا ان ڪري اسان جي عرض تي نظر ثاني ڪئي وڃين هاڻي به وقت اهي انصاف ڪيو وڃين ملاح برداري جا هزارين ماڻهون پنهنجا گهر ڇڏي پوري سنڌ ۾ اجحتجاج پيا ڪن جنهن کان پوء اسان جي برادري ۾ وڏ تاء پيدا ٿيل آهي ناري ۾ تقريبن زمين جنهن ۾ ڊنڍ آهي ان جي ڀرسان زمين جيڪا پير بگن سائين ٻين جي آهي جيڪا مونکي پڻ موڪادي ڏنل آهي اهڙي قبظي خلاف گادي  پن نوٽيس وڄي پئي

سنڌ ۾ ڌارين ڪاهه ڪئي جن وڏي پلاننگ سان سنڌ ڌرتي تي پنهنجا ڪچا گهرڙا اڏيا اسان جي قوم انهن جي گهرن کي ڏسي انهن مٿان رحم کائيندي رهي  انهن کي شاه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي ڌرتي انهن حوالي ڪئي اڄ حال اهو آهي ته جيڪو چڙي ٿو اهو اسان سنڌين مٿان بندوق تاڻين هٿيار اڀاء ڪري اسان کي ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو سنڌ ڌرتي جا سپوت جڏهن قلم کڻن ته هو ڏونگر ڏاري وجهن جيڪڏهن علم کڻن ته جنگ فتح ڪري واپس پوء موٽن ، جيڪڏهن هٿيار کڻن ته سنڌ ڌرتي مان غير ائين ڀڄائين  جيئن موسمي پکي سياري جي ٿڌڙي هير ۾ ڪنهن ملڪ کان لڏي اچي ڪينجهر جي سيني تي اچي ڊيرو لاهي گهر اڏين ، برحال اڄ جو موضوع انتهائي اهم آهي اهو ان ڪري جو پاڪستان سنڌ جون ٻه وڏيون گاديون جن جي پويان لکين عقيدت مند مريد  وڏو احترام ڪندا آهن انتهائي قابل احترام طاقتور گاديون هڪ درگاهه غو ثيه دستگير راڻي پور جنهن جو سجاده نشين عظيم شخصيت پير آف راڻي پور پير سائين سيد غلام غوث عرف المعروف پير سيد بگن سائين جن آهن جن جي پويان لکين عقيدت مند اڄ به ايمان رکن ٿا  پيار ڪن ٿا جن جا مک خليفه وهنوار هلائيندا آهن ٻي درگاه پير ڳوٺ  پير پاڳاره  سائين صبغت الله شاه راشدي  جن سان پڻ لکين عقيدت مندن جو پيار وابسطه آهي حر فورم ب انهن مان آهي  بهادر  نڊر حر فورس انگريزن مٿان هيبت ناڪ حملو ڪري انهن کان هٿيار کسڻ سان گڏ پڪري ورتو پاڪستان جي بقا ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ حر فورس  دشمنن کي جرئت ناهي ته هو سرحدون ڪراس ڪري اڳتي وڌي سگهن اهڙي طرح انگريزن کي عبرت ناڪ شڪست ڏيڻ ۾ پير پاڳاره سائين جي حر فورس جو اهم ڪردار آهي سائين جن جو پڻ وهنوار مين مک خليفه هلائيندا آهن جيڪي سڄو وهنوار هلائيندا آهن ، شاه عبدالطيف ڀٽائي رحه قلندر سرڪار جي ڌرتي سچل سرمست جي ڌرتي عبدالله شاه غازي جي ڌرتي پير شاه اويس جي ڌرتي جنهن تي امن پيار محبت  جو پيغام عام  ملندو هاڻي لڳي ائين ٿو ته سنڌ ڌرتي جنهن تي ڪافي عرصي کان وٺي غير سنڌي اچي سنڌين مٿان ظلم جا ڪئي داستان رقم ڪيا آهن جنهن کان پوء سنڌ ڌرتي مظلومن جي ڌرتي پڻ سڏجڻ لڳي ، هاڻي لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ٻن وڏين گادين جن جو مان مٿي ذڪر ڪيو آهي ڪا خونريزي ٿيندي مان محسوس پيو ڪيان ٿو جڏهن منهنجي ڪنن راڻي پور انٽرنيشنل پريس ڪلب اڳيان هڪ احتجاج کي ڏٺو ۽ ان سان گڏ سڄي سنڌ ۾ ملاح برادري جا سوين نوجوان بينر پينا فليڪس هٿن ۾ کڻي ناري جي ٻن با اثرن خلاف ڇتي نعريبازيڪندا رهيا ۽ اهڙا احتجاج اخبارن تي موجود آهن مان اهو محسوس ڪيو ته ڪو انقريب خوني حادثو پيش اچڻ وارو آهي  جڏهن مان معلومات ورتي ته سنڌ ملاح فورم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن جنهن ۾ صوبائي  جنرل سيڪريٽري  سڪندر ملاح  لال ڏنو ملاح صمد ملاح  ۽ ضلعي خيرپور جي  صدر فقير علي حسن ملاح ، سنڌ جي سماجي شخصيت اعجاز ملاح  سنڌ ملاح فورم پاڪستان  استاد سائين ڏني ملاح سميت سوين ماڻهن چيو ته ناري سومرواري ۾ ڇٽي مڇي جي ڊنڍ واقع آهي جيڪا فقير علي حسن ملاح ُٽ 10 سالن کان وٺي آهي اتي ڪجهه ٻين جون به زمينون آهن جن جا مونکي موقاده مليل آهن جيلا سرڪاري ڪجهه زمين آهي ان تي فشريز کان لائيسنس ميل آهن  جنهن تي خادم آرادين ، مرتضي آرادين سميت ڪجهه ٻين  ناجائز قبضو ڪيو آهي فقير علي حسن ملاح اهو ٻڌايو ته ڇٽي ڊنڍ  تي ڪروڙن روپيا خرچ ڪيا آهن جنهن تي خادم آرادين مرتضي آرادين هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري ٻن ڌرين درميان اتفاقي جهڳڙو ڪرائڻ چاهي ٿو  هي ڇٽي ڊنڍ  قرآن تي اسان جي آهي ، هنن مزيد چيو ته اسان مٿان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي جيڪي اسان جا ملاح اتي ڪم ڪري رهيا هيا انهن کي رتو رت ڪري انهن کان ڄار سامان ڦر ڪري موڪلي ڇڏيو آهي جڏهن ٿاڻي تي ايف آئي آر ڪٽرائڻ ويا سين ته پوليس اسان کي انصاف مهيا نه ڪيو پوليس انهن کان ڳرا پيسه وٺي انهن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن کان پوء سوين ماڻهون ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان روڊ بلاڪ ڪيو ۽ خادم آرادين سميت پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ايس ايس پي غلام شبير سيٺار ته نه هيا پر انهن جي ڳالهه ٻڌي وئي ٽي سو ماڻهن قرآن پاڪ مٿي تي رکي چيو ته ڊنڍ اسان جي  آهي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي مان اهو پيو سوچان جيڪڏهن ٻاه اڀري پئي ته پوء شايد وسامي نه سگهي ان ڪري پهريان کان ان باهه تي ضابطو اڻيو جنهن مان باهه اڀري،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *