Latest news

سريلنڪا بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٽي ملڪي سيريز جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

January 26, 2018 at 5:27 pm

ڍاڪا ( اسپورٽس نيوز )  سريلنڪا ٽي ملڪي ون انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي آخري ميچ ۾ ميزبان بنگلاديش کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻين ڪاميابي حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ٽي ملڪي سيريز جي آخري ميچ ۾ بنگلاديشي  ٽيم جي قائد مشرفي مرتضيٰ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو تباهه ڪندڙ ثابت ٿيو. سريلنڪن بالرن جي بالنگ سامهون ميزبان بيٽسمين بيوس نظر آيا 7 پوري ٽيم پهريان کيڏندي 24 اوورن ۾ 82 رنسن تي ڍير ٿي وئي. مشفيق الرحيم 26 ۽ صابر رحمان 10 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ پهچڻ ۾ ناڪام رهيا. سريلنڪا طرفان سورنگا لڪمل 3 جڏهن ته چميرا، پريرا ۽ سنداڪن 2، 2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. جواب ۾ سريلنڪا گهربل هدف آساني سان 12 هين اوور جي پنجين بال تي بغير ڪنهن نقصان جي حاصل ڪيو، اپل ٿرنڪا 39 ۽ گناٿيلاڪا 35 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *