Latest news

مونجهارن جو شڪار مُلڪي حالتون!

January 26, 2018 at 5:03 pm

سرمد منصور

گذريل ڪجهه وقت کان تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ مُلڪي سياسي صورتحال خلق جون متيون مُنجهائي رکيون آهن. انهيءَ صورتحال سببان تجزيا ۽ تبصرا ڪندڙ به الڳ الڳ ڌارائن ۾ ورهايل آهن، ڪن جو خيال آهي ته سياسي ابهام سينيٽ جي چونڊن تائين جيئن جو تيئن جاري رهندو. جڏهن ته ڪن تجزيي نگارن کي سينيٽ کان اڳ سرڪار جي تڏا ويڙهه ڏسڻ ۾ اچي پئي. هُو بلوچستان ۾ وڏ وزارت جي تبديليءَ کي اُنهيءَ جو بنياد قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ ڪي پي ڪي ۾ پڻ تبديليءَ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن! هڪ طرف اِها صورتحال آهي ته ٻئي طرف ميان صاحب اڃا به اِن خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهي ته مٿس لڳل نااهليءَ جو ڌُٻو هٽايو ويندو ۽ هُو هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي اُميدن کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ لاءِ ميدان تي حاضر ٿي ويندو. هُو پنهنجن جلسن ۾ عوامي شرڪت کي پنهنجي اخلاقي سوڀ قرار ڏئي رهيو آهي. ٻئي پاسي ڊاڪٽر طاهر القادري، عمران خان، شيخ رشيد ۽ هاڻي آصف علي زرداري کيس سياست مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ سندس ڀاءُ کي جيل جي سلاخن پُٺيان ڏسڻ جا خواهشمند آهن! جن انهيءَ نيت سان پاڻ ۾ اڻ سڌيءَ ريت اتحاد به ڪري ورتو آهي. انهيءَ اتحاد جو حَب في الحال ڊاڪٽر طاهر القادري آهي، جيڪو سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري مضبوط ۽ سگهاري اتحاد جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي. ماڊل ٽائون سانحي واري مامري تي اسلام آباد ۾ ٿيل سندس ڌرڻو اُنهيءَ اتحاد جو بنياد قرار ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين ۽ پ پ پنجاب جي سموري قيادت پاران جلسي ۾ شرڪت واري عمل خلق کي مُنجهائي رکيو آهي جو ساڳي ئي جلسي ۾ شيخ رشيد ۽ عمران خان پارليامينٽ بابت گُٿا لفظ ڳالهائي بحث کي نئون رُخ ڏئي ڇڏيو آهي. ٽاڪ شوز ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان اِهو موضوع بحث هيٺ رهندو اچي پيو.

انهيءَ سياسي رساڪشيءَ دوران ٻن سماجي واقعن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي، جنهن ۾ هڪڙو واقعو قصور جي معصوم نياڻي زينب جو آهي، جنهن کي زيادتيءَ کانپوءِ قتل ڪيو ويو هو. اُن واقعي کي بنياد بڻائيندي پنجاب سرڪار جي نَڪ ۾ دم ڪيو ويو. اعليٰ عهدن تي فائز ذميوار فردن کان وٺي سوشل نيٽ ورڪ کي وقت ڏيندڙ فردن انهيءَ مامري کي اُڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٽي وي چئنلز پڻ خوب نڀايو، جنهن سبب قاتل جي ڳولا تي خاص توجه ڏني وئي ۽ آخرڪار ٻن هفتن جي مٿاڪٽ کان پوءِ قاتل گرفتار ٿيو. اِنهيءَ واقعي کي جيترو اُڀاري ويو يا جيتري ڪوريج ڏني وئي، اُن تي ڪيترائي سُوال پڻ اُٿڻ لڳا آهن ته مُلڪ ۾ الائي ڇا ڇا ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن به ڪنهن واقعي ايتري اهميت اختيار نه ڪئي ته پوءِ آخر هِن ڀيري اهڙو ڇا هُو جو ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهيو ويو. جنهن لاءِ خلق جو اِهو به خيال آهي ته اِنهيءَ واقعي کي اُڀارڻ پُٺيان پنجاب حڪومت کي اخلاقي طور ڪمزور ڪرڻ هو، ماڻهن ۾ سندن خلاف نفرت اُڀارڻي هُئي. ساڳي ڳالهه هٿرادو مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله واري ڪيس بابت پڻ ڪئي وڃي ٿي! خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي حالتن جو جائزو وٺندڙ ماڻهن وٽان اِهو سوال حيرت جي اونهائين مان اُٿندو رهي ٿو ته ٻنهي صوبن جي قديم رهواسين جا نوجوان بيدرديءَ سان ماريا وڃن ٿا، اُنهن کي گُم ڪيو وڃي ٿو پر اُنهن جي گمشدگي توڙي قتل تي نه ته اسان جي قومي ميڊيا کي ڪا جُهٻي اچي ٿي نه وري اسان جا سياستدان انهن ظلمن تي ڪو آواز اُٿارن ٿا. اُنهن ماڻهن جو اهڙي سوال پُٺيان اِهو هرگز مطلب نه ٿو هُجي ته ڪو نقيب الله يا زينب جي ڪيس سان انصاف نه ڪيو وڃي، پر اُهي ماڻهو ساڳي روش سنڌي توڙي بلوچ نوجوانن سان ٿيندڙ ظلمن تي ڏسڻ جا به خواهشمند آهن. اڳيان هلي اُنهن جي خواهشن تي عمل ٿئي ٿو يا نه، تنهن بابت ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پر زينب ۽ نقيب واري مامري پُٺيان اُهي ئي ذهن سرگرم سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي مُلڪي حالتن کي پنهنجي مرضي ۽ منشا موجب موڙيندا آهن. ممڪن آهي ته انهن ٻنهي مامرن جي اُڀرڻ پُٺيان سياسي وايو منڊل ۾ پيدا ٿيندڙ گرميءَ کي ٿڌو ڪرڻ وارو مقصد هُجي. جو سڀني مخالف ڌر جي پارٽين جي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ ۽ ميان صاحب جي سخت مخالفت ڪرڻ باوجود به عوام جو رُخ ميان صاحب ڏانهن آهي. ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ جي اُميدوارن جي سوڀ کان وٺي ميان صاحب جي ڪامياب جلسن تائين اِهوئي پيغام عام ٿي رهيو آهي ته هُو ڏينهون ڏينهن پنجاب سطح تي مضبوط ٿي رهيو آهي! سندس گفتگوءَ ۾ اعتماد اچي رهيو آهي ۽ هاڻ ته هُن مجيب الرحمان جا به مثال ڏيڻ شروع ڪيا آهن. سندس اِن مثال کي پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين گريٽر پنجاب جي سوچ قرار ڏنو آهي. هونئن اِها حقيقت آهي ته ميان صاحب ماضيءَ ۾ پنجابي قومپرستيءَ جو پڻ فائدو کڻندو رهيو آهي، خاص ڪري محترمه بينظير ڀُٽو جي مخالفت وقت هُن قومپرستيءَ کي تمام گهڻو اُڀاريو هو. سو اِهو ممڪن آهي ته سمورا درواز بند ڏسڻ کان پوءِ ميان صاحب اِن قسم جي به ڪا ڳالهه ڪري ويهي. ڀلي ته اِن ڳالهه سان کيس ڪو فائدو نه به رسي، پر رياستي وهنوار لاءِ اِهو عمل چڱو نه هوندو. جنهن ڪري ئي سماجي مسئلن کي وڏي زور شور سان اُڀاريو پيو وڃي. ساڳي وقت پنجاب سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻ مُلڪ ۾ شريعت جي نفاذ جا به الٽي ميٽم ڏئي ويٺا آهن. هوڏانهن ڀارت آهي جيڪو هر وقت ڪنهن وجهه جي تلاش ۾ هُجي ٿو. سرحدي ڀڃڪڙين کي هُن معمول بڻائي رکيو آهي. انهن سمورين حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪنهن به باشعور ماڻهوءَ لاءِ مُلڪي حالتن تي اطمينان جو اظهار ممڪن ناهي.

جيڪڏهن حالتون جيئن جو تيئن ڇڪتاڻ واريون رهن ٿيون ته اُن سان نه رُڳو سماجي طور مونجهارا وڌندا، پر جمهوريت به پنهنجي سگهه وڃائي ويهندي. سو ڏسجي ته مُلڪ ۾ متل مانڌاڻ سينيٽ جي چونڊن تائين جاري رهي ٿي يا اُن جي ترت خاتمي لاءِ ڪي اپاءَ ورتا وڃن ٿا؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *