Latest news

هدايتڪار سنجي ليلا بهنسالي جي فلم“پدماوت” رليز ، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

January 26, 2018 at 5:16 pm

ممبئي(شوبز نيوز) هدايتڪار سنجي ليلا بهنسالي جي فلم“پدماوت”  رليز ڪئي وئي جئين ته فلم ريليز جي موقعي تي پوري ڀارت ۾ هنگاما ۽ هندو انتهاپسندن پاران پوري ملڪ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته ڀارتي سنسر بورڊ پاران“پدماوت” کي 25 جنوري  تي ريليز جي اجازت ملڻ جي باوجود پوري ڀارت ۾ فلم جي اسڪريننگ خلاف احتجاج  ۽ مظاهرا  جاري آهن. ڀارت جي چار وڏين رياستن  راجستان،گجرات،۽ بهار ۾ فلم جي ريليز تي پابندي لاڳو آهي. گذريل شام گڙگائون ۾ مڇريل ۾انهن احتجاج ڪندي اسڪولي بس تي حملو ڪري بس کي سخت نقصان پهچايو هو..  جڏهن ته ٻارن جي جان جي خطري کي پيش نظر ۾ رکندي گڙگائون ۽ نوئيڊ ۾ 7 اسڪولن اڄ موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ان کان سواءِ ڀارت جي ٻن شهرن ۾ به “پدماوت” خلاف مظاهرا ۽ٽور ڦور جان اطلاع جاري آهن. ڀهوپال ۾ مڇريل ماڻهن احجتاج دوران گاڏي کي باهه لڳائي ڇڏي، پوليس مظاهرا ڪرڻ وارن مان 2 کي حراست ۾ ورتو ويندو. راجستان اودي پور ۾ مڇريل ۾ماڻهن احتجاج ڪندي دڪان بند ڪرائي ڇڏيا جڏهن ته ماڻهن فلم جي ريليز خلاف روڊن تي نڪري آيا.  ڀارتي شهر احمدآباد ۾ ناشگوار صورتحال کان بچڻ لاءِ پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس تعنيات ڪئي وئي آهي. ۽ جنهن رياستن ۾ اڄ مدماوت ريليز ڪئي پئي وڃي اتي اڄ سئنيما گهرڻ ۾ سيڪورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *