Latest news

پاڪستاني شاهينن جي نيوزيلينڊ دوري ۾ پهرين ڪاميابي، ڪيويز کي اٺيتاليهن رنسن تان شڪست

January 26, 2018 at 5:25 pm

ويلنگٽن ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيوزيلينڊ کي ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 48 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. آڪلينڊ جي ايڊن پارڪ گرائونڊ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندڙ ٻئين ٽي  ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي 202 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائن مشڪلاتن جو شڪار رهي ۽ پوري ٽيم 153 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. نيوزيلينڊ جي مارٽن گپٽل 26، ڪولن منرو 1، ڪين وليم سن ٻڙي، ٽوم بروس 11، گلين فلپس 5، ڪولن ڊي گرينڊ هوم 10، بين وهيلر 30، مچل سينٽنر 37، اش سوڌي 15 ۽ سيٺ رانسي هڪ رنس ٺاهي پويلين واپس هليا ويا. ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون.  پاڪستان اننگز جي شروعات ڪئي ته فخرالزمان ۽ احمد شهزاد اوپننگ لاءِ آيا ۽ پاڪستان کي سٺي شروعات فراهم ڪندي 94 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي. 94 رنسن جي مجموعي اسڪور تي احمد شهزاد 44 رنسن جي پويلين واپس هليو ويو جنهن سبب اها پارٽنرشپ ٽٽي پئي. ان کانپوءِ فخرالزمان به 96 رنسن جي مجموعي اسڪور تي 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان سرفراز احمد 41 ۽ فهيم اشرف بغير ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويا جڏهن ته حسن علي 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. نيوزيلينڊ کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل هئي جڏهن ته پاڪستان اڄ جي ميچ کٽي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته نيوزيلينڊ دوري دوران اها گرين شرٽس جي پهرين ڪاميابي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *