Latest news

پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا مٿيرا کي مڙس طلاق ڏئي ڇڏي

January 26, 2018 at 5:13 pm

لاهور( شو بز) پاڪستاني اداڪارا مٿيرا کي مڙس طلاق ڏئي ڇڏي آهي.  رپورٽ مطابق اداڪارا مٿيرا ۽ سندس مڙس وچ ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان اختلاف هلي رهيا هئا جنهن جي ڪري انهن عليحدگي اختيار ڪري ورتيئي. طلاق جو اعلان اداڪارا مٿيرا پاڻ ڪيو آهي.  واضح رهي ته مٿيرا 4 سال اڳ ڳائڻي فلنٽ جي سان شادي ڪئي هئي ۽ سندن هڪ پٽ به آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ڪافي وقت کان اختلاف هلي رهيا هئا جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي دعويٰ هئي ته انهن جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي آهي پر ٻه مهينا اڳ جڏهن مٿيرا کان پڇيو ويو ته هن نه رڳو طلاق جي ترديد ڪئي هئي  بلڪ اهو به چيو هو ته هوءَ ٻيهر ماءُ بڻجڻ واري آهي پر هاڻي مٿيرا پاڻ طلاق بابت آگاهي ڏني آهي.  ان سلسلي ۾ هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پنهنجي اڳوڻي مڙس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظها رپڻ ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *