Latest news

پاڪستان جون دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروايون

January 26, 2018 at 5:03 pm

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سي پيڪ هڪ روڊ هڪ بيلٽ جو اهم حصو آهي.  منصوبي تحت مواصلات ۽ توانائي جي ڍانچي تي ڪم ٿي رهيو آهي. تفصيل موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فروم جي اجلاس ۾ ٿيل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته سي پيڪ هڪ روڊ هڪ بيلٽ جو اهم حصو آهي. منصوبي تحت مواصلات، توانائي جي ڍانچي تي ڪم ٿي رهيو آهي. علائقائي رابطن سان ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا. منصوبو خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جي هٿي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته سي پيڪ هڪ خطي هڪ روڊ جو اهم جزو آهي. منصوبي سان خطي جا ملڪ هڪ ٻئي سان سلهاڙجي ويندا. سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته روڊن، بندرگاهن، انفرااسٽريڪچر کي جديد بڻائڻو آهي. صنعت ۽ واپار ۾ واضح واڌ ٿي رهي آهي. سي پيڪ سان برآمدات ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي. سي پيڪ جي تحت ريلوي ۽ هوائي اڏن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ ماحولياتي گندلاڻ ۾ گهٽتائي تي ڌيان آهي. تيل سان هلندڙ بجلي پلانٽ نئين ٽيڪنالاجي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي مائيڪرو سافٽ ۽ بل ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس پوليو جي خاتمي ۽ صحت بابت پاڪستان جي حڪومت جي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي. بل گيٽس عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڊيووس ۾ موجود وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي خاتمي ۽ صحت جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي بل گيٽس پوليو جي خاتمي جي حوالي سان وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪوشش کي ساراهيو ۽ صحت بابت پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *