Latest news

اعجاز سائين جي ڪلام ۾ انسان دوستيءَ جو درس

January 29, 2018 at 5:06 pm

محمد اشرف

صوفي بزرگ شاعرن نه فقط الله جي هيڪڙائي، وحدانيت ۽ توحيد جو فلسفو ڏنو، بلڪ انهن خلق جي خدمت، انسانيت سان پيار محبت وارو رَويو، رواداري ۽ صلح ڪل جهڙن انساني آدرشن ۽ قدرن جي پرچار به پئي ڪئي آهي. صوفين، انسان شناسي توڙي انسان دوستيءَ جهڙن نظرين کي پنهنجي شعر وسيلي عام جي اڳيان اظهار ڪري انهن جي حقيقي شعوري جاڳرتا بيدار ڪئي. ويتر تصوف جي اهڙن ڳوڙهن نقطن ۽ رازن کي سمجھائڻ لاءِ سولو سادو ڪري راڳ جي سُرن ۽ سازن جو ڪتب آڻي منجھيل ۽ گمراهه ماڻهن ۾ هڪ روحاني قلبي قرار پيدا ڪيو، جنهن سان انهن جي بي مقصد ۽ بي رنگي حياتين ۾ نه رڳو تازگي ۽ رعنائي آئي پر ڪيتريون مئل دليون محبت، اخلاص، صبر ۽ سڪ جي سُرڪ پي جيِ پيون.

قدرت جي لامتناهي خصوصيتن سان پُر اهڙين آفاقي شخصيتن ۾ صوفي شاعر سيد محي الدين شاهه راشدي المعروف پير اعجاز سائين به هڪ آهي، جنهن جديد دور ۾ اهڙي سخن، شعر ۽ تخيل جي اظهاري ڪئي آهي جو منجھس ڪلاسيڪي ۽ اساسي دور جي شاعرن جي سرهاڻ پئي بَکي. سندن شعر، شعراڻين خوبين توڙي فني خوبين سان گڏ حقيقت پسندي ۽ تصوف جي فڪري گهرائيءَ سان ٽُٻٽار آهي.

اعجاز سائين راشدي جھنڊي واري خاندان جي عالم، اهل الله ۽ فقير صفت سيد پير احسان الله شاھ راشدي ”سنت ڌڻي“ جي گهر ۾ ضلعي مٽياري جي تعلقي نيوسعيد آباد جي ڳوٺ پير جھنڊي واري ۾ 1929ع ۾ جنم ورتو. پاڻ جيتوڻيڪ ظاهري تعليم ڪنهن مڪتب ۾ قرآن پاڪ ۽ سنڌي پهرئين کان وڌيڪ نه پرايائون پر ذاتي مطالعي ۽ فطرتي مشاهدي سان اندر اجاري عشق، حق، سچ ۽ محبت جي معرفت جا سبق پڙهڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو سندن شعر ۾ فڪري گوناگوني، حضوري حال جي ڪشش ملي ٿي.

اعجاز سائين پنهنجي ڪلام ۾ جابجا انسان شناسيءَ ۽ انسان دوستيءَ جهڙن موضوعن جي پڻ اپٽار ڪئي آهي. هيٺئين بيت ۾ ناتي نينهن کي ڇنڻ بابت مومل راڻي جي سُر ۾ تمثيلي انداز ۾ ذڪر آيل آهي ته ناتو، ننگ ۽ مِٽي ڇنڻ انسان لاءِ سٺو نه آهي، رُٺل ۽ ناراض کي پرچائڻ گهرجي، جيئن شاهه سائين فرمايو آهي ته:

هلو هلون ڪورئين نازڪ جن جو نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.

اعجاز سائين به ساڳي ڳالهه هن ريت فرمائي ته:

ڇِن مَ ڇنڻ گهوريو، نينهن ورائي ڳنڍيج،

لاھ نه مون تان مينڌرا، هو جو پهريون هيج،

اول آخر اعجاز چئي توڙ نڀائي نيج،

ڇِني ڪيمَ ڇڏيج، طعنن جي تنور ۾.

انسان جي دل رنجائڻ، ان کي اجائي تڪليف ڏيڻ، ستائڻ کي اعجاز سائين گناهه سمجهن ٿا ۽ فرمائين ٿا اها ڳالهه، اهو ڪم، يا اها گفتگو جا اسان پنهنجي سِر سهڻ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، اها ٻئي ڪنهن سان ڪرڻ چڱي چال نه آهي. اُن لاءِ هيئن فرمائين ٿا:

جا نه سهين تون يار، سا نه ڪر ٻين سان،

گروءَ سندي گفتار، هنڍائج هيئين سان.

هر انسان ۾ ڪو نه ڪو عيب ۽ خامي آهي، اعجاز سائين ٻين جا عيب تڪڻ انهن جي خامين کي ڦولهڻ منفي عمل سمجھن ٿا. ڇاڪاڻ اهو حقي حال وارن جو ڪم نه آهي. انهن جو ڪم ته پنهجي من اندر جي مير ۽ پنهنجين خامين کي تڪڻ آهي، جيئن هنن سٽن ۾ فرمائين ٿا ته:

اهو نه حال حقيقي جيئن پراوا پرکين عيب،

پنهنجو پاڻ پروڙ تون، ڇڏ ٻيا ڦند فريب،

جي گم ٿيا منجھ غيب، تن ڄاتو سڀ ڪنهن ڄاڻ کي.

هڪ هنڌ اعجاز سائين اهڙي سک آسودگي ۽ مال دولت کي ڌڪارين ٿا، جيڪو غريب مسڪين مارو ماڻهن جو رت چوسي ميڙيو وڃي. مطلب اهڙي خوشحالي جا انسانن جي رت جي قطرن مان گڏ ٿئي سا به پونئين لاءِ، اهو انسانيت جي قدرن کان ڪريل عمل آهي.

پِيڙيو پراوا هڏڙا پارين ٿو پيٽ پنهنجو،

اُٿ پاڻ کي ايذائي، لَههُ هيرا منجھ هزاري،

ناسوت جا پوُڄاري ڪر لاهوت جي تياري.

جا جوءِ اصل آ تنهنجي، سا ويهي تو ڪيئن وساري.

اعجاز سائين ڪل انسانيت کي هيڪڙائي جي نظر سان ڏسي ٿو. سڀ انسان هڪ الله رب العزت جا خلقيل آهن، انهن ۾ ذات پات، رنگ نسل ۽ اوچ نيچ جي ڀيد ڀاءَ کي ختم ڪري انسانيت جي قدر کي اعليٰ ۽ ارفع ڪري پيش ڪري ٿو. ڏسو هنن سٽن ۾:

پرينءَ جي پار جا ماڻهو اڇا ڪارا به مون پيارا،

انهن جـــا نـــاز ۽ مـــاڻا، انگــل آرا به مــون پــــيار.

ڏسان ٿو آئون جڏهن جوئي، ڪڙو ناهي منجھن ڪوئي،

پيان هٿ پير سندن ڌوئي، مِٺا کارا به مون پيارا.

اعجاز سائين انسان جي ظاهري رنگ ڍنگ پنهنجائڻ جي بجاءِ پنهنجي اندر کي رڱي ريٽو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،

رنــــگ رنــــدانو دل انــــدر کـــي لايـــو ويــــٺو لاءِ سدا،

باقي گيڙو گلابي ڪارو سائو ڪپڙي لاتئي ته ڇيهه ٿي پيو.

پاڻ هنديءَ ۾ هڪ هنڌ الله تبارڪ و تعاليٰ جي وحدانيت بيان ڪئي اٿن ته هو هر هنڌ هر جاءِ وسڻهار آهي. سچي مالڪ سڀني انسانن لاءِ ساڳيون شيون خلقيون آهن ته پوءِ اسان وچ ۾ ويڇا ۽ وٿيون ڇو وڌيون آهن، اسان وڏائي ۽ تڪبر جا ٽڪاڻا ڇو جوڙيا آهن، جنهن سان انساني تشخص پائمال ٿئي ٿو. انسان کي گهرجي ته هر ڪنهن سان نياز نوڙت ۽ محبت سان پيش اچي. اعجاز سائين فرمائي ٿو ته:

هــــم گُرو گر ناٿ، نانڪ نام همارا ري،

نانڪ نام همارا ري، هر گهٽ گام همارا ري.

ڪان ڪَنيا ڪرمڻ مين هون، سيتل سيتا لڇمڻ مين هون،

ڪرو نه ميري ڪاٿ، اَڪٿا ڪام همارا ري.

اڄ جي سائنسي وٺ پڪڙ جي دور ۾ اسان انسان جي اهميت ۽ ان سان همدرديءَ جهڙن احساسن کي ڀُلائي چڪا آهيون. اسان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته فقط دنياداري جي حوس نظر ايندي، پر صوفي بزرگ اسان کي هر واٽ تي وحدانيت، انسانيت جي سيوا ڪرڻ جهڙا آدرش ڏنا آهن، جن سان اسان جي اندر ۾ ٻيهر ماڻهپو اچي ٿو. اسان جي دل نرم ٿي فطرت جي قريب اچي عجب اسرار ڳولهي لهي ٿي. پنهنجي هر مقصد ۽ مطلب کان مٿانهون انسانيت جو جذبو آهي، ڇاڪاڻ انسان ۾ ئي الاهي اسرار آهي

اعجاز سائين توڙي سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام ۾ انسان دوستيءَ جو فهم ملي ٿو، جيڪو انسان جي اندر خدا جي خلقيل انسان لاءِ رحم، همدردي، سهائتا، پيار ۽ محبت جا انيڪ احساس اتپن ڪري سندن حقيقي زندگيءَ جي مول متي ڏانهن کين راغب ڪري ٿو. اسان کي گهرجي ته اهڙن الله وارن انسان دوست بزرگن جي سنيهي کي عام ڪري ماڻهن تائين پهچايون ته جيئن سندن دلين مان نفرتن ۽ ڪدورتن جي ڪٽ لهي ۽ هي جڳ اسان لاءِ ڀائپي، رواداري جو گهوارو بڻجي پئي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *