Latest news

انگلينڊ هٿان سيريز جي آخري ون ڊي ميچ ۾ به آسٽريليا کي شڪست

January 29, 2018 at 5:37 pm

سڊني(اسپورٽس نيوز)  انگلينڊ جي هٿان آسٽريليا کي هڪ ٻي شڪست، انگلينڊ پنجين ون ڊي  12 رنسن تان کٽي پنجن ميچن جي سيريز 4-1 سان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پرٿ ۾ به ناڪامي آسٽريليا جو مقدر بڻجي وئي، سيريز جي پنجين ون ڊي ۾ انگلينڊ 259 رنسون ٺاهيون، مهمان ٽيم جو ڪپتان جو روٽ 62 رنسن سان نمايان رهيو. آسٽريلوي فاسٽ بالر اينڊريو ٽائي پنج شڪار ڪيا، جواب ۾ ڪينگروز 247 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ٽام ڪوررن جي شاندار بالنگ ڪندي ميزبان ٽيم جي پنجن رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري اهڙي طرح انگلينڊ پنجن ميچن واري سيريز 4-1 تان کٽي ورتي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *