Latest news

شاهه رخ خان فلم“رئيس” کان تنگ اچي ويو

January 29, 2018 at 5:20 pm

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جڏهن کان فلم“رئيس”۾ گينگسٽر جو ڪردار ادا ڪيو آهي تڏهن کان ماڻهن ان جي ڪردار کان متاثر آهن اڪثر تقريبن ۾ ڪنگ خان لاءِ“گينگسٽر” جان نعرا لڳندا آهن ته جئين شاهه رخ پاڻ کي گينگسٽر سڏرائڻ  بلڪل پسند ناهي. جڏهن ته هلندڙ ڏينهن ۾ ممبئي ۾ رکيل تقريب ۾ شاهه  رخ خان سميت ٻين اداڪارن رنبير ڪپور ،انوشڪا شرما، عاليه ڀٽ، رنوير سنگه، رتيش ديش مکهه ، بپي لهري، سشميتا سين، سري ديوي، رشي ڪپور شرڪت ڪئي ۽ تقريب کي چار  چند لڳائي ڇڏيا. جڏهن شاهه رخ  خان اسٽيج تي آيو ته ماڻهن رئيس جا نعرا لڳائڻ شروع ڪيا جڏهن شور هد کان وڌيڻ لڳو ته ڪنگ خان تقريب ۾ موجود ڪيترن ماڻهن کي مخاطب ڪندي چيو ته “ مان صرف هڪ ڳالهه چوڻ ٿو چاهيان ته مان فلم رئيس ۾ هڪ گينگسٽر جو ڪردار ادا ڪيو هو.اهو صرف هڪ ڪردار هو، پر ڪسٽم وارن مونکي سنجيده نه وٺن، هو هڪ اسمگلر هو ۽ مونکي ائين لڳي رهيو آهي ته اهو سٺو نه هئو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *