Latest news

صبا قمر جي بالي ووڊ فلم “هندي ميڊيم” جي سيڪوئل جون تياريون شروع

January 29, 2018 at 5:12 pm

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر جي ڪامياب بالي ووڊ ڊيبيو فلم ”هندي ميڊيم“ جي سيڪوئل جي تيارين جو آغاز ٿي چڪو آهي. فلم ۾ صبا قمر جي جاندار اداڪاري پاڪستان سميت ڀارت جي مداحن کي به پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو هو. ان فلم ۾ صبا قمر بالي ووڊ جي تجربي ڪار اداڪار عرفان خان سان گڏ ڪم ڪيو هو ۽ ٻنهي جي جوڙي کي ڪافي پسند ڪيو ويو هو . دڪل ڪرونڪل جي هڪ رپورٽ موجب فلمساز ڀوشن ڪمار فلم جي سيڪوئل جون تياريون ڪري رهيو آهي جڏهن ته ”هندي ميڊيم 2“ جو اسڪرپٽ به تيار ٿي چڪو آهي. فلمساز ڀوشن ڪمار جو چوڻ هو ته فلم ”هندي ميڊيم“ جي ڪري مون کي پهريون ڀيرو فلم فيئر ايوارڊز ۾ بهترين فلمساز جو اعزاز مليو آهي ۽ فلم ڏسندڙن ان کي خوب ساراهيو آهي. ان ڪري آئون ۽ عرفان ان جو سيڪوئل بڻائي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته شوٽنگ جلدي ئي شروع ڪئي ويندي جڏهن ته امڪان آهي ته فلم هلندڙ سال جي آخر ۾ ريليز ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *