Latest news

نواز شريف، اسٽيبلشمينٽ ڇڪتاڻ، نتيجو…؟؟

January 29, 2018 at 5:07 pm

شاهنواز راڄپر

ڏٺو وڃي ته ملڪ جي تاريخ ۾ 2013ع ۾ قائم ٿيل مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هڪ لحاظ کان انوکي ۽ منفرد حڪومت رهي آهي، ڇو ته شروع کان ئي وٺي ڌرڻا، هڙتالون، احتجاجي ريليون هن کي وڪوڙيل رهيون آهن. تنهن جي باوجود نه صرف حڪومت پنهنجي مينڊيٽ جي آئيني مدت پوري ڪرڻ جي طرف روان دوان آهي پر سياسي مخالفن ۽ پرڏيهي دٻاءُ کي به منهن ڏيندي پئي اچي، جنهن جي ڪري (ن) ليگ جا مخالف مبصر ۽ تجزيه نگار اهو چوڻ تي مجبور آهن ته ايندڙ چونڊن (جيڪڏهن ٿيڻ ڏنيون ويون) ۾ به (ن) ليگ ئي کٽيندي ۽ اقاما جي بنياد تي سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏنل وزيراعظم ۽ (ن) ليگ جو صدر ميان نواز شريف ته ايندڙ وقت کان ايترو پُراميد آهي جو هو 2018ع جي اليڪشن ۾ ايندڙ نتيجن سان هن نااهلي واري فيصلي کي رد ڪري ڏيکاريندو ۽ اهو هڪ عوامي ريفرنڊم هوندو. ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين نواز شريف تمام گهڻي پريشر جي باوجود پارٽيءَ کي پنجاب اندر متحرڪ رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سوشل ميڊيا تي جيترو نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف اخلاق کان ڪريل مواد اچي رهيو آهي، اهو اڳ ۾ ڪنهن به لٿل حڪمران خلاف نه آيو آهي. بهرحال 2018ع جي چونڊن ۾ (ن) ليگ کي ڪاميابي ملي ٿي يا اقتداري سنگهاس وارو هما ”عمران خان يا بلاول ڀٽو زرداري جي مٿان ڇانوَ ٿو ڪري، اهو ته ايندڙ وقت ئي ثابت ڪندو، پر ڏٺو وڃي ته پارليامينٽ تي لعنتون وجهندڙن کي اها پذيرائي ناهي ملي سگهي، جنهن جي توقع کين هئي ۽ انهيءَ کان علاوه (ن) ليگ جي خلاف مخالف ڌر پاران گڏيل اتحاد به ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويو. حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ قادري پاران تحريڪ هلائڻ واري اعلان کي به عوام پاران ڪا موٽ نه ملي سگهي. ان جي ابتڙ چڪوال واري ننڍي چونڊ ۾ ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر (ن) ليگ تي اعتماد ڪندي ان جي اميدوار کي وڏي اڪثريت سان سوڀارو ڪيو ۽ اهو پيغام ڏنو ته پنجاب جو عوام اڄ به نواز شريف سان گڏ آهي ۽ جيڪي چئي رهيا هئا ته نواز شريف کي ماضيءَ جو قصو بڻائي ڇڏينداسين، تن جي خوابن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. جڏهن ته ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان جي خلاف جيڪي ريفرنسز داخل ڪرايل آهن، اهي به پنهنجي منطقي انجام طرف گامزن آهن. تنهن هوندي به (ن) ليگ جي اعليٰ قيادت نيب ريفرنسز جي حوالي سان ڪنهن به خوش فهميءَ جو شڪار ناهي. ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين انهن نيب ڪيسن ۾ پيش ٿيندڙ شاهدن به اهڙي ڪابه گوهر افشاني ناهي ڪئي. جنهن جي بنياد تي نواز شريف فيملي کي ڪا سزا ڏئي سگهجي! پر اسٽيبلشمينٽ جي طرف کان اهي پيغام ملڻ جون خبرون آهن ته نه صرف پارٽي صدارت تان هٿ ڌوئڻا پوندا بلڪه ”زندان جي ديوارن پويان“ به رهڻو پئجي وڃي يعني نه صدارت رهندي ۽ جيل جي سزا به ملندي. جنهن کانپوءِ پارٽي جو وجود وکري ويندو. ٻئي طرف اطلاع اهي به آهن ته عمران خان ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم جي منسب سنڀالڻ ۽ اڳواٽ شيروانيون سبرائي ۽ جناح ڪيپ خريد ڪري ورتيون آهن ۽ پنهنجي پهرين تقرير تي غور و خوث ڪري رهيا آهن ته اها ڪهڙي ٻولي ۾ هجڻ گهرجي ۽ ان ۾ دنيا لاءِ ڪهڙو پيغام هجي. جڏهن ته ٻنهي جا صاحب کين اهو باور ڪرائڻ ۾ رڌل آهن ته ”اوهان شيرواني ۽ جناح ڪيپ سان قائداعظم جا پونئير پيا لڳو“ ۽ ”توهان ته پنهنجي نانا سائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون سڪون پيا لاهيو ۽ انشاءَ الله وزيراعظم طور قسم کڻڻ کانپوءِ ايوان صدر ۾ ڀٽو زنده آهي جا نعرا هڪ ڀيرو ٻيهر گونجڻ لڳندا!!“ پر منصوبا جوڙيندڙ اڃا وڌيڪ تجربا ڪري رهيا آهن. يعني جيڪو ”ڪوريءَ جي من ۾“ اها خبر ته مارچ 2018ع تائين پئجي ويندي ته ڪوريءَ ڪهڙي اڻت ڪئي آهي. ٻئي طرف (ن) ليگ جي باني رڪن چوڌري نثار علي خان جي ڪوشش جي باوجود ميان نواز شريف جو ”لهجو“ ماٺو ٿي نه سگهيو آهي ۽ هن کي اهي مهڻا به ملي رهيا آهن ته ”اهڙو آهين ته پوءِ (ن) ليگ ڇڏي ڇونه ٿو ڏين“ جنهن تي (ن) ليگ جي ڪارڪنن جو ردعمل به سامهون آيو جو راولپنڊي، روات ۽ ڪلر سيدان وارن علائقن ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ پارٽي ڪارڪن ميان نواز شريف کان اهو مطالبو ڪيو ته چوڌري نثار علي خان جي خلاف پارٽي اڳواڻن خاص طور پرويز رشيد پاران بيان بازيءَ جو نوٽيس ورتو وڃي. سياسي تجربن جي حوالي سان هي به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بريلوي مڪتبه فڪر کي ”آن بورڊ“ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مسلڪي بنيادن تي هڪ نئين قوت ميدان ۾ لاهڻ جا شروعاتي تجربا ته ڪنهن حد تائين ڪامياب ڏسڻ ۾ آيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ڏٺو وڃي ته لاهور، چڪوال ۽ پشاور ۾ ٿيل ننڍين چونڊن دوران تحريڪ ”لبيڪ يا رسول الله“ ڪنهن حد تائين ووٽرن جي توجهه پاڻ ڏانهن آڻڻ لاءِ انهن جو ڌيان ڇڪايو آهي. سيٽون نه کڻي سگهي پر ماڻهن تائين اهو جذباتي مذهبي نعرو ضرور پهچائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. اهو ڄڻ ته ٽيسٽ ڪيس هو، جنهن جي بنياد تي ايندڙ اليڪشن 2018ع ۾ جيڪو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي، اهو ئي ٿو ٻڌائي ته اقتدار ۾ ايندڙ سياسي قوت نه رڳو عوام جي هر دلعزيز هجي پر ان سان گڏ عوام جو سمنڊ به گڏ ڪرڻ جي منجهس صلاحيت هجي. ماڻهو سندس ڳالهه کي اهميت ڏيندا هجن ۽ سندس حڪم تحت پنهنجي مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ تيار هجن. (ن) ليگ حڪومت جي خلاف تحريڪ جي پويان سياسي ايجنڊا جي متعلق چيو پيو وڃي ته احتساب عدالت جي طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي ”جيل موڪلڻ“ واري حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريان کان ئي ماڻهو ميدان ۾ سرگرم هجن ته جيئن حڪومت جا حامي سزا جي خلاف سڙڪن تي اچڻ واري پوزيشن ۾ ئي هجن. ان سلسلي ۾ سياسي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف آمريڪا، اسرائيل ۽ هندستان؛ پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ رڌل آهن ته ٻئي طرف پاڪستان ۾ سياسي محاذ تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ ملڪي نظام غير مستحڪم آهي ته پوءِ ”جمهوريت باءِ باءِ“ ٿي سگهي ٿي!؟ ڏٺو وڃي ته پارليامينٽ کي عمران ۽ شيخ رشيد پاران تنقيد جو نشانو بڻائڻ سو به بازاري لفظن ۾، تنهن مان به سمجهي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر لڳندڙ هوائن جو رخ ڪهڙو آهي. انهيءَ کان علاوه چيف جسٽس آف پاڪستان به اهو پڇي رهيو آهي ته ”پارليامينٽ گهڻا ڪم ته اڌورا ڇڏي ڏنا آهن، جن جي لاءِ عوام چونڊي ٿو، قانون سازي پارليامينٽ جو ڪم آهي، جڏهن اها پنهنجو ڪم وقت سر نه ڪندي ته پوءِ سپريم ڪورٽ کي مجبورن ان ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ ڄاڻو ذريعن جو چوڻ آهي ته 2013ع ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي 2014ع کان تمام ڏکين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، پر ان جي باوجود به نواز شريف چين جي مدد سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ سي پيڪ واري معاهدي کي حتمي شڪل ڏياري، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ کي ڪيترا فائدا حاصل ٿيا ۽ خاص طور تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو، جيڪو پنجاب اندر خاص اهميت رکي ٿو. انهيءَ کان علاوه ملڪ ۾ روڊن ٺاهڻ وارو ڪم به آخري مرحلن ۾ آهي، جنهن سان به اقتصادي طور فائدو پنجاب جي ئي ماڻهن کي پهچي ٿو. گئس جي پهچ به بحال ٿيڻ جي ڪري صنعتي ترقي ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي، تنهن کان پنجاب جو عوام تمام گهڻو خوش آهي.

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڌرڻن، احتجاجن ۽ لاڪ ڊائون ۽ انتشار واري سياست جي ڪري ترقي واري عمل ۾ سُستي رهي. ڏيڍ ٻه سال پاناما واري اسڪينڊل جتي چونڊيل وزيراعظم کي نااهل ڪرايو، اتي سپريم ڪورٽ سميت ٻين ادارن جي توقير ۽ تقدس ڏانهن به آڱريون کڄڻ لڳيون. سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته انصاف ۽ قانون جي بالادستيءَ جي خواهش ته سڀ ئي ڪن ٿا پر انهن تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان ترجيحن کي ترتيب ڏيڻ به ضروري آهي، جيڪي انصاف ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجن ٿيون. انصاف ۾ ترجيحن جي نه پر نيڪ نيتيءَ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن ڪوبه اهو نه چئي سگهي ته لاڏلي کي صادق ۽ امين قرار ڏيڻ تي ججن کي سلام پيش ڪيان ٿو نه ئي وري ڪنهن کي اهو چوڻو پئي ته نواز شريف ۽ عمران جا ڪيس هڪ جهڙن پئمانن تي ڪيا ويا. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته عدالتي نظام جا ڪي به ڪل پرزا درست يا سڌا ناهن، ان ڪري ماڻهن جو پوري عدالتي نظام تان اعتماد ئي ختم ٿي چڪو آهي. تضاد وارن فيصلن جي ڪري عدليه جي بالادستي وارو خواب ڪڏهن به ساڀيان ماڻي نه سگهيو آهي. ٻئي طرف سياسي حلقن جو انهيءَ سلسلي ۾ چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي ۽ عدالتن پاران انصاف ڏيڻ متعلق چيف جسٽس آف پاڪستان سميت ٻيا جج صاحبان به مطمئن ناهن، نه ته هو اهو چوڻ تي ڪڏهن به مجبور نه ٿين ها ته ”هڪ سال جي لاءِ سڀ ايمانداريءَ سان ڪم ڪريو ته حالتون تبديل ٿي وينديون“. اهو ئي سبب آهي جو انصاف ۾ دير ٿيڻ جي ڪري معاشرتي برايون چوٽ تي آهن ۽ اها دير به هڪ معاشرتي مسئلو بڻجي چڪي آهي.

هن وقت ميان نواز شريف جي سياسي چرپر مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ٻيڙيون ساڙي ميدان ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن جي اگرن نتيجن کان به هو بخوبي واقف آهي. ويجهن دوستن جي صلاح مشوري جي باوجود هو سياسي ميدان ۾ ڌوڪيندو پيو وڃي. جنهن جي ڪري به عوام سندس جلسن ۾ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي ۽ پنجاب اندر ننڍين چونڊن ۾ به سندس پارٽي اميدوارن کي توقع کان مٿي ووٽ ملي رهيا آهن. احتساب ڪورٽن جو هڪ پنهنجو طريقه ڪار آهي، جنهن ۾ هو سزا ڏيڻ کان نه ڪيٻائينديون آهن. تنهن ڪري اها ڳالهه ڪا اچرج جوڳي نه هوندي جو ميان نواز شريف کي سزا ملي ۽ هو جيل جي چؤديواري ۾ بند ڪيو وڃي، پر ان کانپوءِ جيڪا صورتحال جڙندي جنهن ۾ ”آزاد نواز شريف کان قيدي نواز شريف وڌيڪ طاقتور، سگهارو ۽ مقبول هوندو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جي لاءِ چئلينج هوندو“. هاڻ ڏٺو وڃي ته ايندڙ مهينو ڏيڍ ملڪ جي سياسي حالتن لاءِ نهايت ئي اهم آهي. ڇو ته ان دوران احتساب عدالتن ۾ هلندڙ نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف ڪيسن جو فيصلو ٿيڻو ۽ مارچ ۾ وري سينيٽ جون چونڊون ٿيڻيون آهن، جن جي لاءِ هاڻ سان ئي ميمبرن جي مانَ ۾ آجياڻا ۽ سندن قيمت ڪَٿي پئي وڃي. جنهن جي ڪري فاٽا ۽ بلوچستان جي ميمبرن جو هن وقت اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. شايد سندن سپنا ساڀيان ماڻين؟ ڇو ته جيڪڏهن نواز شريف کي سزا اچي ٿي ۽ هو جيل موڪليو وڃي ٿو ته ان سان ملڪ ۾ هڪ وڏي انتشار پيدا ٿيڻ جو خطرو به موجود آهي. انهيءَ ٽڪراءَ جي ڪري صورتحال اهڙي پيدا ٿي جو جمهوري سرشتي جو وايومنڊل ئي تبديل ٿي وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ ٻي راءِ به سامهون اچي رهي آهي، جيڪا هن وقت عام زبان تي به آهي ته ”نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڇڪتاڻ ۾، عمران پنهنجو پتو کيڏندي اسيمبلين تان استعيفائون ڏياري ڇڏيندو؟ اهو اسٽيبلشمينٽ جو آخري حربو هوندو…“

بهرحال هن وقت ملڪ جون سياسي حالتون تمام گهڻيون ڳنڀير آهن، جنهن ۾ ٿورڙي به سياسي اناپرستي جمهوري نظام لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ملڪ تنزليءَ ڏانهن وڃي سگهي ٿو، تنهن ڪري پنهنجي انا جي تسڪين کي ڇڏي ملڪ ۽ عوام جي ڀلي لاءِ سوچڻ گهرجي….!

سياسي حلقن جو انهيءَ سلسلي ۾ چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي ۽ عدالتن پاران انصاف ڏيڻ متعلق چيف جسٽس آف پاڪستان سميت ٻيا جج صاحبان به مطمئن ناهن، نه ته هو اهو چوڻ تي ڪڏهن به مجبور نه ٿين ها ته ”هڪ سال جي لاءِ سڀ ايمانداريءَ سان ڪم ڪريو ته حالتون تبديل ٿي وينديون“. اهو ئي سبب آهي جو انصاف ۾ دير ٿيڻ جي ڪري معاشرتي برايون چوٽ تي آهن ۽ اها دير به هڪ معاشرتي مسئلو بڻجي چڪي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *