Latest news

ٽيسٽ رينڪنگ: ڀارت پهرين ۽ پاڪستان ستين نمبر تي موجود

January 29, 2018 at 5:33 pm

دبئي (اسپورٽس نيوز)  آءِ سي سي جي تازي ٽيسٽ ٽيم رينڪنگ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي، ڏکڻ آفريقا بئين جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ستين نمبر تي موجود آهي. جيمز اينڊرسن دنيا جو پهريون نمبر بالر بڻجي ويو هن کيسور بادا کان ٽاپ پوزيشن کسي ورتي. رانديگرن ۾ اسٽيون سمٿ پهري نمبر، ويرات ڪوهلي ٻئي نمبر، هاشم آمله ۽ ڊين ايلگر جي 2-2 درجا ترقي ٿي آهي. ڊي ڪوڪ 5 درجا گهٽتائي کان پوءِ 20 نمبر تي اچي ويو. آل رائونڊرن ۾ شقيب الحسن پهرين نبمر تي موجود آهي. آءِ سي سي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ختم ٿيڻ کان پوءِ نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڀارتي ٽيم سيريز هارائڻ باوجود 121 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته سيريز کٽڻ باوجود ڏکڻ آفريقي ٽيم بئي نمبر تي اچي وئي آهي. پاڪستاني ٽيم رينڪنگ ۾ ستين نمبر تي موجود آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *