Latest news

پاڪستان نيوزيلينڊ کي ٻين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 18 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

January 29, 2018 at 5:21 pm

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ٽين ۽ فيصلي جوڳي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾ 18 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسن جو هدف ڏنو جنهن ۾ فخر الزمان 46 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم مليل هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 6 وڪيٽن ي نقصان تي 163  رنسن تائين محدود رهي. مارٽن گپٽل 59 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته شاداب خان کي ميچ ۽ محمد عامر کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *