Latest news

ڀارتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت طرفان جمعي نماز جي امامت

January 29, 2018 at 5:49 pm

مالا پورم ( م ڊ ) ڀارتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت جمعي نماز جي امامت ڪرائي جنهن تي مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ موجب رياست ڪيرالا جي هڪ ڳوٺ جي رهواسڻ 34 ورهين جي عورت جميٺا جمع نماز جي امامت ڪرائي. جماعت ۾ عورتن ۽ مردن سميت 50 ماڻهن شرڪت ڪئي. عورت جميٺا قرآن و سنت سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري آهي جنهن کي ماسترياڻي جميلا جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.  عورت جو چوڻ آهي ته مون کي اهڙي قدم تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪيترائي مرد منهنجي خلاف آهن پر اسلام ۾ عورتن ۽ مردن کي برابر جا حق آهن. هن چوي ته مردن جي تسلط کي چئلينج ڪرڻ جي ضرورت آهي. جميٺا جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت جمي نماز جي امامت ڪرائي آهي جيڪا سوسائٽي جي مرڪزي آفيس ۾ پڙهائي وئي.  هن چيو ته اهو ضروري ناهي ته جمعي نماز جا ميڙاڪا رڳو مسجد ۾ ٿين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *