Latest news

انساني حقن لاءِ عاصمه جهانگير جي جدوجهد ناقابل فراموش آهي:سيد مراد علي شاهه

February 11, 2018 at 6:03 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نامياري قانوندان عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني حقن لاءِ عاصمه جهانگير جي جدوجهد ناقابل فراموش آهي. وڏي وزير چيو ته عاصمه جهانگيرهڪ بهادر، بيباڪ ۽ بي خوف عورت هئي. هن وڌيڪ چيو ته عاصمه جهانگير دليل سان ڳالهائيندي هئي. وڏي وزير دعا ڪئي ته الله سائين مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. هوڏانهن ناليواري اداڪار قاضي واجد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قاضي واجد تجربيڪار اداڪار هو. هن چيو ته فن جي دنيا ۾ سندن خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سيد مراد علي شاهه چيو ته رب العزت مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *