Latest news

عمران خان جي چوڌري نثار کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت

February 11, 2018 at 6:04 pm

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار کي پنهنجي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته چوڌري نثار تحريڪ انصاف ۾ اچي وڃي ته سٺو آهي پر آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ تي به سندس حمايت ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن دل وڏي ڪرڻي پوندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *