Latest news

منهنجو خيال آهي ته ايندڙ وزيراعظم شهباز هوندو: چيف جسٽس

February 11, 2018 at 6:02 pm

لاهور ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار صاف پاڻي جي فراهمي واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ شهباز شريف ايندڙ وزيراعظم هوندو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، پنجاب حڪومت جو ترجمان ملڪ احمد خان، ڊي جي فوڊ اٿارتي نورالامين مينگل پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف جسٽس پنجاب جي وڏي وزير کان پڇو ته ڇا مان ٺيڪ ڪري رهيو آهيان.پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف پنهنجي سيٽ تان اٿي بيٺو ۽ چيو ته توهان ٺيڪ ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن مان ڪجهه ڳالهايو ته حڪم عدولي ٿي ويندي. چيف جسٽس چيو ته توهان حڪم عدولي نه ٿا ڪري سگهو، توهان هڪ ليڊر آهيو، مان سمجهان ٿو ته توهان اڳين مورچن تي وڙهڻ وارا آهيو، هڪ توهان ئي ته آهيو جيڪو عدليه جو احترام ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *