Latest news

پي ٽي آءِ جو سنڌ ۾ ڪوبه مستقبل نه آهي: منظور وساڻ

February 11, 2018 at 6:05 pm

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر)جمهوري دور ۾ عوام جا مسئلاحل ٿين ٿا، پيپلزپارٽي شهيد محترما بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان عوام جي خدمت ۾ يقين رکو ٿا.اهڙو اظهار صوبائي وزير منظور وساڻ ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي وساڻ برادري پاران استقبال ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آئون وساڻ برادري جي نوجوانن جو ٿورائتو آهيان، جن وڏي جوش سان منهنجو استقبال ڪيو آهي.منهنجي ڪوشش رهي آهي ته نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿين. هن چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو پ پ جو ضلعو آهي، مخالف پ پ جي اميدوارن کان کٽي نه سگهندا.پي ٽي آءِ جو سنڌ ۾ ڪوبه مستقبل نه آهي، ڪيترا ئي جلسا ڪيا ويا آهن پر اهي ناڪام ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي ذوالفقار وساڻ آيل مهمانن کي اجرڪون ۽ گل جا تحفا پيش ڪيا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *