Latest news

ڀارت آزاد فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي: نريندر مودي

February 11, 2018 at 6:00 pm

والاريل بيت المقدس(م ڊ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آزاد فلسطيني رياست جي حمايت جو عزم ڪندي چيو آهي ته ڀارت ڳالهين وسيلي فلسطين کي خودمختيار رياست ڏسڻ چاهي ٿو.عالمي ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعظم نريندر مودي تاريخي دوري تي فلسطين پهچي ويو جتي هن والايل اوڀر واري ڪناري جي شهر راملا ۾ فلسطيني اختيارين سان ملاقاتون ڪيون.فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ۾ فلسطين مسئلي جي پرامن حل تي زور ڏنو جڏهن ته ٻه طرفن لاڳاپن ۾ واڌ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.فلسطيني صدر سان ملاقات ۾ نريندر مودي آزاد فلسطيني رياست جي حمايت ڪندي چيو ته ڀارت چاهي ٿو ته فلسطين ڳالهين وسيلي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست بڻجي.پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم چيو ته مشڪل حالتن ۾ به فلسطين ۽ ڀارت جي دوستي قائم رهي، فلسطيني عوام گهڻن ئي چيلينجن جو دليري ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو جڏهن ته ڀارت مستقبل ۾ به هميشا فلسطين جي ترقي جي سفر جي حمايت ڪندو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *