Latest news

بلاول ڀٽو زرداري جو فوڪس ترقي تي آهي ۽ سمورا مسئلا جلد حل ٿيندا:ناصر حسين شاهه

February 12, 2018 at 5:58 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسان کي الحاج محمد هاشم گذدر ۽ ٻين عظيم اڳواڻن جي زندگي ۽ جدوجهد کان سبق حاصل ڪري سندن ڪارنامن ۽ خدمتن جي پرچار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن باباءِ سلاوٽ ۽ تحريڪ پاڪستان جي عظيم شخصيت ۽ باباءِ قوم پاڪستان قائداعظم جي ساٿي الحاج هاشم گذدر مرحوم جي سلاوٽ ڪميونٽي هال ۾ مير محمد بلوچ اڪادمي پاران ڪوٺايل 50هين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مرحوم گذدر صاحب جو ويزن هو ته هن پنهنجي دور ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏوگڏ تعليم ۽ ڪميوٽي جي ڀلائي جا ڪارناما انجام ڏنا ۽ ماڻهن جي خدمت جي لاءِ پنهنجن اختيارن ۽ درست سمت استعمال ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هر هڪ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي، ڪراچي هاڻ ٻيهر امن جو گهوارو بڻجي چڪو آهي ۽ هي امن ۽ امان اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي محنت ۽ عوام جي قربانين جي ڪري قائم ٿيو هاڻ هتي ڪابه ڌاٻي، ڌانڌلي ۽ ٻوري بند لاش جي سياست نه هلندي. بلاول ڀٽو زرداري جو فوڪس ترقي تي آهي ۽ سمورا مسئلا جلد حل ٿيندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *