Latest news

حيدرآباد: ٽنڊو محمد خان روڊ تي ٽرڪ ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، عورتن سميت 11 ڄڻا فوت

February 12, 2018 at 6:03 pm

حيدرآباد:(رپورٽر)هوسڙي لڳ حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ تي خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 9 عورتن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.هوسڙي لڳ حيدرآباد_ٽنڊو محمد خان روڊ تي سوزوڪي ۽ ڊمپر وچ ۾ ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ ساجده، حنا، فريده، ريحانا، شبانا، صفيا، انيتا ڪولهي، ياسمين، نسرين، سوزوڪي ڊرائيور زبير احمد فوت ۽ 11 ورهين جي صدف، 35 ورهين جي سائره ۽ 30 ورهين جي بشريٰ زخمي ٿي پيون. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته زخمين مان ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.مسافر سوزوڪي ٽنڊومحمد خان کان حيدرآباد اچي رهي هئي جو تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ تباهه ٿي وئي. فوتي ۽ زخمي لطيف آباد جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *