Latest news

راجا ظفرالحق ڪميٽي رپورٽ پيش نه ٿي ته وزيراعظم کي توهين عدالت جو نوٽيس اماڻينداسين: جسٽس شوڪت عزيز

February 12, 2018 at 6:10 pm

اسلام آباد(بيورو) فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي رماڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي راجا ظفرالحق ڪميٽي جي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته وزيراعظم کي توهين عدالت جو نوٽيس اماڻينداسين.رپورٽ مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد ڪياني عدالت کي ٻڌايو ته راجا ظفرالحق ڪميٽي جي رپورٽ اڃا تائين فائنل ناهي ٿي جنهن تي عدالت شديد ڪاوڙ جواظهار ڪيو ۽ کيس ڇنڊ به پٽي. معزز جج پڇيو ته ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪميٽي جي سربراهه جي صحيح باوجود رپورٽ حتمي نه هجي، ڇا اوهان چاهيو ٿا ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کان سڌي ريت رڪارڊ طلب ڪريون.ان موقعي تي ڊپٽي اثارني جنرل چيو ته اسان جا وزير 20 منٽن جي نوٽيس تي عدالت ۾ حاضر ٿي ويا هئا جنهن تي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته هنن ڪهڙو احسان ڪيو، جيڪڏهن نه اچن ها ته وارنٽ جاري ڪريون ها. جسٽس شوڪت عزيز صديقي وڌيڪ چيو ته ايندڙ شنوائي تي رپورٽ پيش نه ڪئي ته توهين عدالت جو نوٽيس وزيراعظم ۽ ٽن لاڳاپيل وزيرن کي موڪلينداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *