Latest news

سنڌ ۾ خراب حڪمراني جي ڪري هر معاملي جو عدالتن کي نوٽيس وٺڻو پئجي رهيو آهي: اياز لطيف پليجو

February 12, 2018 at 6:05 pm

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي حيدرآباد ۾ ڊمپر ۽ سوزڪي ۾ ٽڪر سبب 10 ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنگل روڊ هجڻ ڪري سڄي سنڌ ۾ المناڪ حادثن ۾ هر مهيني درجين معصوم زندگيون موت جو گرهه بنجي وڃن ٿيون. جيڪڏهن حيدرآباد-بدين روڊ ڊبل هجي ها ته حادثو پيش نه اچي ها پر انتهائي مصروف روڊ هجڻ باوجود ڪرپٽ حڪمران ڊبل روڊ نه ٺهرائي سگهيا آهن. سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي، ڪراچي جا رستا ۽ حڪمرانن جي اوطاقن طرف ويندڙ رستن جي حالت بهتر آهي باقي روڊ کنڊر بنيل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *