Latest news

عدالتي حڪم باوجود اسپيشل انيشيٽو ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪري رهيو آهي:امير هاني مسلم

February 12, 2018 at 5:56 pm

ٺٽو: (ڊ ر)سپريم ڪورٽ پاران پاڻي معاملي تي قائم ڪيل واٽر ڪميشن جو سربراهه رٽائرڊ جسٽس اميرهاني مسلم پاڻي ڪيس جي پوئيواري ڪندڙ ايڊووڪيٽ شهاب اوستو سان گڏجي ٺٽي ۽ مڪلي تي پهچي واٽر سپلاءَ اسڪيمن جو دورو ڪري جائزو ورتو.جتي بنا فلٽر جي شهرين کي غير معياري ۽ گندو پاڻي فراهم ٿيڻ واري معاملي تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي مڪاني ادارن واري کاتي جي انتظاميا سميت ضلعي انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي انتظاميا کان پڇاڻو ڪندي اميرهاني مسلم چيو ته توهان ڪامورا پيئڻ لاءِ نيسلي جو پاڻي استعمال ڪريو ٿا ۽ واٽر سپلاءَ جي اسڪيمن ۽ فلٽر پلانٽن جي اسڪيمن ۾ ڪرپشن ڪري عوام کي گندو ۽ غيرمعياري پاڻي فراهم ڪندي موت جي حوالي ڪري رهيا آهيو.ڇا توهان کان ڪوبه پڇا ڪرڻ وارو نه آهي؟ ان سلسلي ۾ عدالتي واٽر ڪميشن جو سربراهه رٽائرڊ جسٽس اميرهاني مسلم پاڻي ڪيس جي پوئيواري ڪندڙ نامياري قانوندان شهاب اوستو سان گڏ مڪلي ۽ ٺٽي جي مختلف واٽر سپلاءَ اسڪيمن تي پهچي پاڻي جي معيار جو جائزو ورتو ۽ شهرين کي پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر سپلاءَ اسڪيمن بابت معلومات ورتي.ان موقعي تي ڊي سي ٺٽو ناصر علي مرزا، ميونسپل ڪاميٽي ٺٽي جو ايڊ منسٽريٽر نظير احمد خليفو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ٺٽو جا عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي واٽر ڪميشن جي سربراهه کي شهرين ۽ صحافين پاران ٻڌايو ويو ته ٺٽي ۽ مڪلي واسين سميت پوري ضلعي اندر عوام گدلو ۽ غير معياري پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي، ڪروڙين رپين جي لاڳت واريون واٽر سپلاءَ اسڪيمون ٺٽي ۽ مڪلي لاءِ منظور ٿيون، جيڪي غلط پلاننگ سبب ڪرپٽ جي ور چڙهي ناڪارا بڻجي ويون ۽ ٺٽو واسي بنا فلٽر ٿيل گندو پاڻي واپرائڻ سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.واٽر ڪميشن جو سربراهه مڪلي جي واٽر سپلاءَ اسڪيم ۽ ٺٽي جي واٽر سپلاءَ اسڪيم سميت پاڻي فراهم ڪندڙ ساڪرو برانچ، ڪي بي فيڊر ۽ الهکائي مائنر جو پڻ دورو ڪري معائنو ڪيو. ان موقعي تي واٽر ڪميشن جي سربراهه اميرهاني مسلم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏيندي ڪامورن کي ڇنڊ پٽي ۽ کانئن پڇاڻو ڪيو.واٽر ڪميشن جي سربراهه امير هاني مسلم پاران مڪلي ۽ ٺٽي جي واٽر سپلاءَ اسڪيمن جي دوري دوران بنا ڪلورين تي شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته عدالتي حڪم باوجود اسپيشل انيشيٽو ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪري رهيو آهي.امير هاني مسلم   رمارڪس ڏيندي ڪامورن کي قبلو درست ڪري عوام جي پاڻي جي نالي تي ڪرپشن بابت وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واٽر ڪميشن جي سربراهه امير هاني مسلم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ اسپيشل انيشيٽو ڊپارٽمينٽ ۽ ٺٽو ميونسپل ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر کان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڪروڙين اربين رپيا هضم ڪرڻ باوجود اوهان ڪامورن جو پيٽ اڃا تائين نه ڀريو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *