Latest news

عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم اجلاس، حديبيه پيپلز ملز ڪيس فائل ڪرڻ جو فيصلو

February 12, 2018 at 6:11 pm

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ڪور گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عمران خان پارٽي ميمبرن کي اهم ذميواريون ڏنيون. تفصيل موجب عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل پارٽي جي ڪور گروپ اجلاس ۾ چئني صوبن ۾ پي ٽي آءِ جا ترجمان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب فواد چوڌري کي پارٽي جو مرڪزي سڌُ سماءَ وارو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ميمبر مراد سعيد خيبرپختونخواهه جو ترجمان هوندو. اجلاس ۾ شفقت محمود کي پارٽي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نون ميمبرن جي شموليت باب عارف علوي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪور گروپ اجلاس ۾ شهباز شريف خلاف ڪيس داخل ڪندي هلندڙ هفتي حديبيه پيپر ملز ڪيس عدالت ۾ فائل ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ بلين ٽري سونامي ۽ ٻين منصوبن جي ڪاميابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڪي پ ڪي ۾ پوليس ۽ صحت سميت ٻين سڌارن جي نتيجن کي تسلي جوڳو قرار ڏنو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *