Latest news

فاروق ستار پنهنجي پارٽي سنڀالي، ڪامران ٽيسوري جتي وڃي ٿو اتي تباهي پکيڙي ٿو: وڏو وزير

February 12, 2018 at 6:01 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته فاروق ستار پنهنجي پارٽي کي سنڀالي، ڪامران ٽيسوري جتي وڃي ٿو اتي تباهي پکيڙي ٿو، رائو انوار کي جلد جوابدار طور گرفتار ڪيو ويندو. سينيٽ اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ واري عمل لاءِ ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير رائو انوار جي گرفتاري لاءِ سمورن ادارن کان مدد گهري ورتي آهي، کيس جلد جوابدار طور گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته فاروق ستار پنهنجي پارٽي کي سنڀالي، ڪامران ٽيسوري جتي وڃي ٿو اتي تباهي پکيڙي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جي پنهنجي مت کسجي وئي آهي جو پارٽي ۾ ڪامران ٽيسوري کي شامل ڪيو آهي.ڪراچي امن جو شهر آهي،امن جي صورتحال خراب ڪندڙن کي بخش نه ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه جمهويت خاطر قربانيون ڏنيون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام اسان کي سوڀ ڏياريندو.مخالفن جي ڌڙا بندي شروع ٿي وئي آهي، جيڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن اهي ٻين جي خدمت ڪيئن ڪندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *