Latest news

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

February 12, 2018 at 6:10 pm

اسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي ڪيمپ تي حملي جو الزام رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي سنجوان ڪيمپ تي حملي بابت الزامن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارتي اختياريون هميشه جاچ کان اڳ غير ذميواراڻا ۽ بي بنياد الزام هڻنديون آهن، عالمي برادري ڀارت جي پاڪستان خلاف مهم جو نوٽيس وٺي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير ۾ عدالت کان مٿڀرن قتلن، اغوا ۽ تشدد ۾ ملوث آهي، ڪشميري ظلمن باوجود خود اراديت جي جدوجهد ۾ مصروف آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب والاريل ڪشمير جو مسئلو حل ڪري ۽ ڪنٽرول لائن توڙي ورڪنگ بائونڊري تي چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين کان پاسو ڪري. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملي جا الزام بي بنياد آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *