Latest news

احتساب جي نالي ۾ انتقام جو جواب لوڌران جي عوام ڏئي ڇڏيو آهي: نواز شريف

February 13, 2018 at 6:55 pm

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته احتساب جي نالي تي انتقام جو جواب ڪالهه لوڌران جي عوام ڏئي ڇڏيو آهي، منهنجو ڪيس عوام وڙهي رهيو آهي جنهن تي مان ان کي سلام پيش ڪريانٿو.احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ووٽ جي تقدس جا مثال ڏسي رهيا آهيون ۽ ڪالهه لوڌران ۾ ان جو عملي مظاهرو به ڏٺو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪندڙن تي سڄو زور هلي ٿو، ٻٽا معيار ڪيستائين هلندا، سياسي ليڊرن کي به پاڻ خيال اچڻ گهرجي ته ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته سندس خلاف موجوده ريفرنسز ۾ ڪا جان هجي ها ته ضمني ريفرنس جي ضرورت نه پوي ها، هو چاهن ٿا ته نواز شريف کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سزا ٿئي.هن چيو ته احتساب جي نالي تي اسان کان انتقام ورتو پيو وڃي پر ڪوڙن ڪيسن جو جواب عوام ڏئي رهيو آهي، ووٽ جي تقدس جا مثال عوامي ردعمل جي صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون ۽ لوڌران جو فيصلو به احتساب جي نالي تي انتقام جو عوامي جواب آهي.صحافي جڏهن کائنس سوال ڪيو ته اوهان کان انتقام ڇو پيو ورتو وڃي ته نواز شريف چيو ته مون کي ته پاڻ خبر ناهي، مون کان انتقام وٺندڙ ان کان انتقام وٺن جنهن ٻه ڀيرا آئين ٽوڙيو، آئين ٽوڙيندڙ ۽ ججن کي گرفتار ڪندڙ ڪنهن جا ڏوهاري آهن. هن چيو ته اڄ سڀ کان وڏا ڏوهاري اسان بڻيل آهيون ۽ جن ٻه ڀيرا آئين ٽوڙيو انهن کي نه پڪڙيو، ڇا انهن تائين پهچندي پر سڙن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *