Latest news

فروغ نسيم پارٽي اڳواڻن کي چيو ته پرويز مشرف ئي اصل ليڊر آهي: فاروق ستار

February 13, 2018 at 7:14 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ مائنس ٽو فارمولي تي عمل ٿي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته مائنس ون کي به ڪارڪنن وڏي ڏکيائي سان قبول ڪيو هو، نالي ماتر رابطا ڪميٽي ڪنهن جي هٿن ۾ استعمال ٿي رهي آهي. فاروق ستار دعويٰ ڪئي ته هن وٽ ان ڳالهه جو ثبوت موجود اهي ته اهو اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو فارمولو آهي، فروغ نسيم پارٽي اڳواڻن کي چيو ته فاروق ستار ۾ دم ناهي پرويز مشرف ئي اصل ليڊر آهي. هن چيو ته فروغ نسيم جيڪي تجويزون رابطا ڪميٽي کي ڏئي رهيو آهي مهرباني ڪري اهي نه ڏئي ۽ قوم کي وڌيڪ ورهائجڻ کان بچائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *